ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان ئي ثالث آهي، اميد ته جلد معاهدو ٿي ويندو: مارڪو روبيو

آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ پاڪستان ئي ثالث آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير تهران وڃي رهيو آهي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان لڳاتار رابطو جاري آهي.

مارڪو روبيو ايران سان ٺاهه کي پهرين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا سان معاهدي لاءِ ايران کي فيصلو ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته ايران سان معاهدو طئي ٿي ويندو ۽ آبناءِ هرمز ٻيهر کوليو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان معاهدي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ ٻيو منصوبو به موجود آهي، ايران کي رڪاوٽن کان روڪڻ لاءِ ضروري عالمي اتفاقِ راءِ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ايران کي ٽيڪس واري نظام کان روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي پليٽفارم کي به استعمال ڪري رهيا آهيون.

مارڪو روبيو چيو ته ايران جوهري هٿيار نٿو رکي سگهي، يورينيم جي واڌ ۽ آبناءِ هرمز واري مسئلي کي حل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.