سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگرد اڳواڻ عمر عرف جان مير سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن مطابق دهشتگرد عمر عرف جان مير سپن وام ۾ بوبالي مسجد جي ڀرپاسي زمين هيٺ بنڪر، سرنگون ۽ بارودي ڄار وڇائي رکيا هئا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خارجي اڳواڻ عمر عرف جان مير جي سر جي قيمت 30 لک رپيا مقرر هئي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي دهشتگرد حملن جو ماسٽر مائينڊ هو.