ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي: فيلڊ مارشل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام تائين دهشتگردي خلاف جنگ قومي عزم سان جاري رهندي.

پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزاز ڏيڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جا خاص مهمان فيلڊ مارشل عاصم منير هو.

فيلڊ مارشل شهيدن جي وارثن جي ثابت قدمي، وقار ۽ حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪندي شهيدن جي بي مثال قربانين ۽ وطن سان لازوال وابستگي کي ساراهيو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل شهيدن جي وارثن، آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو، جڏهن ته آپريشنز ۾ غير معمولي بهادري ۽ وطن لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف اعزاز، جن ۾ 50 ستارا امتياز ۽ 12 تمغا بسالت شامل آهن، عطا ڪيا ويا.

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو لازوال فخر آهن، شهيدن جي عزت ۽ قرباني هر پاڪستاني لاءِ مقدس امانت آهي ۽ مادرِ وطن جو امن ۽ سلامتي شهيدن جي عظيم قربانين ۽ اٽل عزم جو نتيجو آهي.

فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشنل تياري ۽ غير متزلزل عزم کي پڻ ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.