ايران-آمريڪا معاهدي جو حتمي مسودو جلد اعلان ٿيڻ جا امڪان

رياض(ويب ڊيسڪ)ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سنجيدا ڪوششون جاري آهن.

عرب ميڊيا موجب پاڪستان جي اهم شخصيت سڀاڻي ايران جو دورو ڪري سگهي ٿي ۽ دوري دورو اعلان ٿي سگهي ٿو ته معاهدي جو حتمي مسودو مڪمل ٿي چڪو آهي.

عرب ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڳالهين جو ايندڙ دور حج کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٿيندو.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 24 ڪلاڪن اندر ٻيهر اهم دوري تي تهران پهچي ويو آهي.

محسن نقوي آمريڪا ايران ڳالهين جي سلسلي ۾ ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ گهرو وزير محسن نقوي ايران جو دورو ڪيو هو، جتي هن ايراني صدر مسعود پزشڪيان، چيف نيگوئيٽر محمد باقر قالبياف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقاتون ڪيون هيون.

ان کان پوءِ محسن نقوي سڌو بلوچستان پهتو هو جتي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.