گوگل پنهنجي مشهور اي ميل سروس جي ميل ۾ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي شامل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.
گوگل جي سالياني ڊولپر ڪانفرنس دوران ڪمپني جي طرفان جي ميل لاءِ ” اين باڪس“ نالي نئين اي آءِ فيچر جو اعلان ڪيو ويو.
يعني هاڻي توهان ٽائپ ڪرڻ بدران ڳالهائي به جي ميل استعمال ڪري سگهندا.
ڪمپني ٻڌايو ته جيمنائي تي ٻڌل هن فيچر کي ”جي ميل لائيو“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ذريعي توهان ان باڪس ۾ موجود سوين اي ميلن مان ضروري تفصيل تمام تيزي سان ڳولي سگهندا.
مثال طور، جيڪڏهن توهان کي ڪنهن فلائيٽ جي تفصيل ڏسڻي هجي، ڊاڪٽر جي اپائنٽمينٽ جو وقت يا ڪا ٻي معلومات کپي ته اهو ڪم ڪجهه منٽن ۾ ممڪن ٿي ويندو.
هاڻي تائين واهپيدارن کي سرچ باڪس ۾ وڃي لفظ لکڻا پوندا هئا يا اي ميل ايڊريس ۽ ڊومين لکڻا پوندا هئا ته جيئن گهربل ڄاڻ ملي سگهي.
ڪمپني موجب ” جي ميل لائيو“ توهان جي آواز وارن سوالن جا جواب به ڏيندو ۽ فالو اپ سوال به ڪري سگهندو.
هي اهڙو فيچر آهي جيڪو صارفين لاءِ ڪافي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته گهڻا ماڻهو اي ميل ۾ گهربل شيءِ ڳولڻ دوران مشڪلات محسوس ڪندا آهن.
ڪمپني اهو به ٻڌايو ته اهڙي ٽيڪنالاجي گوگل ڪيپ نالي ٽو ڊو لسٽ ايپ لاءِ به متعارف ڪرائي ويندي.
اهم ڳالهه اها آهي ته ”جي ميل لائيو“ اچڻ باوجود روايتي سرچ فيچر ختم نه ڪيو ويندو.