روم (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي اٽلي جي پنهنجي سرڪاري دوري دوران اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني کي کٽمٺڙا تحفي طور پيش ڪيا.
اطالوي وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ” ايڪس“ تي نريندر مودي سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ چوي ٿي ته ” وزيراعظم مودي اسان لاءِ تمام سٺا کٽمٺڙا تحفي طور آندا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، هن وڊيو کي مودي جي حمايت ڪندڙن طرفان هڪ خوشگوار سفارتي قدم قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اپوزيشن طرفان ان تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.
ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ شاگردن جي احتجاجن جهڙن مسئلن جو منهن آهي، جڏهن ته وزيراعظم ريلز ٺاهڻ ۾ مصروف آهي.