پنڪي کي اصل نالي سان سڏيو، سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ منشيات ڪيس بابت ڳالهيون!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل سليم رحمان منشيات ڪيس ۾ گرفتار پنڪي کي سندس اصل نالي سان سڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي۔

اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ ۽ ڊائريڪٽر جنرل نارڪوٽڪس اختيارين شرڪت ڪئي.

ايڊيشنل آءِ جي سنڌ آزاد خان انمول عرف پنڪي بابت سينيٽ جي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.

هن ٻڌايو ته هن وقت تائين انمول عرف پنڪي جي هڪ اڪائونٽ جا تفصيل مليا آهن، جنهن ۾ 90 لک رپيا موجود آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جوابدار عورت انمول عرف پنڪي ڪنهن جي سڃاڻپ به چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي الڳ ڪيس به داخل ڪيو ويندو.

آزاد خان وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي تحقيقاتي اداري ۽ قومي سائبر ڪرائيم ادارن کان به جاچ ۾ مدد ورتي پئي وڃي.

بريفنگ دوران چيئرمين فيصل سليم رحمان چيو ته جوابدار عورت کي سندس اصل نالي سان سڏيو وڃي، پنڪي نه چيو وڃي، ۽ اهو به معلوم ڪيو وڃي ته انمول جي نيٽ ورڪ سان ڪهڙا ماڻهو ڳنڍيل آهن.

سينيٽر شهادت اعوان چيو ته هن ڪيس تي وڌيڪ ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته معاملو عدالت ۾ آهي ۽ ڪميٽي ۾ بريفنگ وٺڻ سان ڪيس تي اثر پئجي سگهي ٿو.

چيئرمين ڪميٽي چيو ته پاڪستان ۾ اصل اختيار صرف رياست وٽ آهي.

اجلاس کي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس سنڌ ٻڌايو ته انمول عرف پنڪي هن وقت پوليس جي تحويل ۾ آهي، جڏهن هوءَ انهن حوالي ٿيندي تڏهن وڌيڪ تفصيل ڏئي سگهندا.

ايڊيشنل آءِ جي سنڌ چيو ته 12 مئي تي ڪراچي پوليس ۽ هڪ وفاقي حساس اداري گڏجي ان ڪيس تي ڪم ڪيو هو، پنڪي تعليمي ادارن ۾ منشيات فراهم ڪندي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ منشيات استعمال ڪندڙ شخص جو موت به سندس فراهم ڪيل منشيات سبب ٿيو هو، انمول عرف پنڪي کي گڏيل آپريشن ۾ گرفتار ڪيو ويو.

چيئرمين ڪميٽي چيو ته پنڪي جي معاملي تي ٻه ڀيرا ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي، هوءَ 2008 ۾ ماڊلنگ لاءِ لاهور وئي هئي ۽ پوءِ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته پنڪي اڳ ۾ هڪ وڪيل ۽ پوءِ پوليس آفيسر سان شادي ڪئي ، هوءَ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي هڪ ڪيس ۾ اشتهاري آهي ۽ لاهور ۾ به پنج ڪيسن ۾ گهربل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.