جيئن توهان ايڪس تي روزانو گهڻيون پوسٽ ڪندا آهيو ته هاڻي گهٽ ڪيو يا وري پيسا پياريو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ نئين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن هاڻي واهپيدار هن پليٽ فارم ۾ فيس ادا نه ڪندا ته پوسٽ نه ڪري سگهندا. رپورٽ موجب واهپيدارن تي روزانو پوسٽس جي حد جي حوالي سان پابندي هنئي وئي آهي.
جيئن توهان جي اڪائونٽ ۾ بليو ٽڪ ناهي ته هن نئين پابندي کي منهن ڏيڻو پوندو. ايڪس موجب مفت واهپيدار روزانو 50 پوسٽس ۽ 200 ريپلائيز کان وڌيڪ نٿا ڪري سگهن، ان کان اڳ مفت واهپيدار روزانو 2400 پوسٽس ڪري سگهندا هيا.
هاڻي جيئن مفت واهيپدار 50 کان وڌيڪ پوسٽ ڪندو ته ان جي سامهون ”ايرر“ جو ميسيج ايندو.
هن نئين پابندي جو مقصد اهو به ٿي سگهي ٿو ته ايڪس ۾ اسپام پوسٽس ۽ بوٽس سرگرمين ۾ گهٽتائي آندي وڃي. پر وڏو مقصد اهو آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي هر مهيني فيس ادا ڪن.