روزانو ڪجهه انگور کائڻ جو هي فائدو توهان کي ڏاڍو وڻندو!

انگور سڀين جو پسند وارو ميوو آهي جيڪو مختلف رنگن ۾ ملندو آهي.

رپورٽ موجب هن ميووي ۾ غذائقي اجزا ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جڏهن ته ڪيلوريز گهٽ هونديون آهن. ماهرن موجب انسان هزارن سالن کان هي ميوو واپرائي ٿو ڪنهن ۾ ٻج هوندا آهن ڪنهن ۾ ناهن هوندا.

هاڻي طبي ماهرن روزانو ڪجهه مقدار ۾ انگور کائڻ جو بهترين فائدو ٻڌايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انگور کائڻ سان چمڙي ۾ اهڙيون جينياتي تبديليون اينديون آهن جنهن سان چمڙي سج جي الٽراوائلنٽ شعاعن کان محفوظ رهندي آهي.

تحقيق موجب ٻه هفتا لاڳيتو انگور کائڻ سان چمڙي ۾ تبديلي ايندي آهي، تجربي ۾ موجود رضاڪارن ۾ اهڙي تبديلي نظر آئي جنهن سان الٽرا وائلٽ شعاعن جو اثر گهٽ پيو ٿيئي. ماهرن موجب هي ميوو سپر فوڊ جيان ڪم ڪري ٿو جنهن سان انساني چمڙيءَ کي تحفظ ملي ٿو.

ماهرن چيو ته جسم جي سڀ کان وڏي حصي ”چمڙي“ جو جائزو ورتو ويو ته ڄاڻ ملي هي ميوو چمڙي جي صحت لاءِ بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.