آءِ فونز ۾ بيٽري آءِ ڪون هيٺان هي لائين ڇو نظر ايندي آهي؟

آءِ فونز کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو استعمال ڪندا آهن ۽ ان جو يوزر انٽرفيس به ڏاڍو آسان هوندو آهي پر ان جو هڪ ڪارائتو فيچر اکين جي سامهون هوندو آهي پر گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ ناهي هوندي، اهو آهي ڪنٽرول سينٽر فيچر.

رپورٽ موجب ڪنٽرول سينٽر تائين آسان ۽ تيز ترين رستو آءِ فون جي لاڪ اسڪرين تي مٿان هوندو آهي. ان ۾ مختلف ڪم ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي آهي جيئن آءِ فون جي فليش لائيٽ کي آن ڪري سگهجي ٿو، سيلولر ڊيٽا فون ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ ٽرن آن ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ موجب لاڪ آءِ فون اسڪرين تي بيٽري آءِ ڪون جي هيٺان توهان کي هڪ ليڪ نظر ايندي. اها ليڪ سيل سگنل کان شروع ٿيندي آهي ۽ بيٽري آءِ ڪون تائين ويندي آهي ۽ اها لائين بنيادي طور تي ڪنٽرول سينٽر بابت ٻڌائيندي آهي.

اهڙي ريت ڄاڻ ملي ٿي ته ڪهڙي ريت توهان ڪنٽرول سينٽر تائين پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا،ان لائين کي هيٺ ڇڪي اچو. ان لڪير کي ڊس ايبل به ڪري سگهجي ٿو. جيئن توهان بيٽري آءِ ڪون جي هيٺان لائين کي هٽائڻ چاهيو ٿا ته سيٽنگز ۽ پوءِ فيس آِ ڊي ۽ پاس ڪوڊ ۾ وڃو. اتي پاس ڪوڊ ڪرڻ کانپوءِ هيٺ اسڪرول ڪيو ۽ پوءِ Allow access when locked سيڪشن ۾ وڃي ڪنٽرول سينٽر کي ٽرن آف ڪري ڇڏيو.

ايئن ڪرڻ سان لاڪ اسڪرين ۾ بيٽري جي هيٺان لائين نظر نه ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.