ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل (ف ليگ) جي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب عوام تمام گهڻي تڪليف مان گذري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ معظم علي عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته منشيات فروش پنڪيءَ جي وارثن کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو انتهائي حساس آهي.
ان موقعي تي ف ليگ جي اڳواڻ معظم علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندس چيو ته گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ جيڪو نظام هلي رهيو آهي، ان جي تباهي ۽ حقيقت کان سڀ ڀلي ڀت واقف آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي هاڻي موجوده حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ متبادل قيادت جي ضرورت آهي جيڪا صوبي کي بحرانن مان ڪڍي سگهي.