اوپن اي آءِ هڪ نئون ۽ بهترين فيچر متعارف ڪرايو آهي.
رپورٽ موجب هي نئون فيچر آرٽيفيشل انٽيليجنس کي پوري طرح مٽائي ڇڏيندو ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته هي واهپيدارن لاءِ مفت دستياب ڪيو ويندو.
هن فيچر تحت توهان ڪنهن فائل کي چيٽ جي پي ٽي ۾ اپ لوڊ ڪندا ته اها غائب نه ٿيندي پر چيٽ جي پي ٽي ان کي هڪ نئين لائبريري ۾ محفوظ ڪندو جيئن ان جو حوالو مستقبل جي چيٽس ۾ ڏئي سگهجي. اهو هر قسم جي فائل چاهي اسپريڊ شيٽ هجي يا پريزينٽيشنز سڀين لاءِ ٿيندو. چيٽ جي پي ٽي توهان جي هدايتن تي عمل ڪندو ۽ ان اسٽوريج ميموري کي مستقبل ۾ به استعمال ڪندو. فلحال چيٽ جي پي ٽي پاران فائلز کي ڪنهن چيٽ جي آخر ۾ فوري طور ختم ڪيو ويندو آهي.
پر هاڻي هو انهن فائلز کي ياد رکندو ۽ ڪنهن اي آءِ ورڪ اسپيس جي طور تي ”گوگل فائلز“ جيان ڪم ڪندو. هن نئين فيچر ۾ اسٽوريج جي حد کي مختلف سبسڪرائبرز لاءِ محدود رکيو ويو آهي جيئن مفت واهپيدارن لاءِ 500 ايم بي اسٽوريج دستياب هوندو.
اهڙي ريت گو سبسڪرائبرز کي 4 جي بي، پلس اينڊ بزنس واهپيدارن کي 20 جي بي جڏهن ته پرو سبسڪرائبرز کي 100 جي بي اسٽوريج فراهم ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب نئين اسٽوريج فيچر جو مطلب آهي ته هاڻي چيٽ جي پي ٽي پنهنجي پراڻي ٽيڪس فارمز، کاڌو پچائڻ جون ترڪيبون، سي ويز ۽ ٻين بابت پڇي سگهندا.
هي نئون فيچر موبائيل ايپ ۽ ويب انٽرفيس ٻنهي تي دستياب هوندو. ان لاءِ سيٽنگز ۾ اسٽوريج جي نالي سان آپشن موجود هوندا، جڏهن ته اميجز جي ويجهو هڪ نئون لائبريري مينيو آپشن به نظر ايندو جتي اپلوڊ ڪرڻ واريون فائلز ڏسي سگهندا.