سجاول(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي نامياري شاعرا، اديب ۽ تعليمي ماهر آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
مرحومه کي سندس وصيت موجب، سجاول ۾ سندس والد، سنڌ جي ناليواري شاعر، اديب ۽ ليکڪ محمد خان مجيدي جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
مريم مجيدي جي زندگيءَ تي هڪ نظر
آپا مريم مجيدي جو جنم 15 جون 1946ع تي ضلع سجاول جي تعلقي ميرپوربٺورو لڳ جهوڪ شريف جي ڳوٺ قيصر خان جتوئي ۾ ناليواري شاعر محمد خان مجيدي جي گهر ۾ ٿيو.
هن شروعاتي تعليم دڙو ۽ سجاول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ بوائز ڪاليج ٺٽو مان مئٽرڪ ڪئي، ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سنڌي ادب)، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون.
هن سيپٽمبر 1960ع ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو مان پرائمري استاد طور پنهنجي پيشيوراڻي سفر جي شروعات ڪئي.
هوءَ گرلس مڊل اسڪول سجاول جي هيڊمسٽريس رهڻ سان گڏ مختلف وقتن تي ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، اي ڊي او سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ڊي اي او پرائمري ٺٽو جهڙن اهم عهدن تي فائز رهي ۽ 12 جون 2002ع تي اي ڊي او پرائمري سجاول جي عهدي تان رٽائر ٿي.
آپا مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ مشهور رسالي ”برسات“ ۾ شعر ڇپجڻ سان ڪئي، جيتوڻيڪ هن مختلف اخبارن ۾ ڪالم، ڪهاڻيون ۽ مقالا پڻ لکيا، پر سندس اصل سڃاڻپ شاعري ئي رهي.
سندس پهريون شاعري جو مجموعو ”سروم دکم دکم“ 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن تي کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ۽ سنڌالاجي پاران بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو.
هن ٻيو ڪتاب ”نيرانا ئي نيڻ“ 2012ع ۾ منظرِ عام تي آيو، ان کانسواءِ کيس رسالي ”نئين زندگي“ جي سلور جوبلي تي اردو جي نامياري شاعر احمد فراز هٿان بهترين شاعرا جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته هن هري دلگير يادگار لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، سرويچ سجاولي ايوارڊ ۽ شاهه لطيف عرس شيلڊ سميت ڪيترائي اعزاز ماڻيا.
مريم مجيدي جو ڪنهن سياسي ڌر سان سڌوسنئون واسطو نه هو، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي پيڙا ۽ قومي مسئلن جو عنصر نمايان رهيو. هوءَ ڌرتي جي معاملن تي عملي طور تحريڪن ۾ اڳيان اڳيان رهي.
17 آڪٽوبر 2012ع تي سنڌ ۾ مڙهيل مڪاني ادارن جي ٻٽي نظام خلاف سخت احتجاج ڪرڻ، ريلي ڪڍڻ ۽ ڌرڻو هڻڻ جي پاداش ۾ مٿس دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.
آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ مختلف علمي توڙي ادبي شخصيتن طرفان سندس وفات کي سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏيندي تعزيت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.