اداڪار محب مرزا پنهنجي زال صنم سعيد کي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيڻ تي جذباتي پيغام شيئر ڪيو.
رپورٽس موجب محب مرزا پاران انسٽاگرام تي صنم سعيد جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪندي هن لکيو ته ”توهان هڪ غيرمعامولي انسان آهيو، توهان کي زندگي اهڙي خوبصورت انداز ۾ گذاريندي ڏسي مان ايترو مطمئن آهيان جو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان“.
اداڪار پنهنجي زال لاءِ لکيو ته ”مونکي توهان تي فخر آهي، 79هين ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي هلڻ ۽ اهو به پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. مان توهان کي ننڍي کنڊ جي عورتن کي عزت ڏيارڻ ۽ ليجنڊري ميڊم شميم آرا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ واڌايون.
واضح رهي ته فلمي دنيا ۾ مشهور فيسٽيول ڪانز فلم فيسٽيول ۾ صنم سعيد ۽ پاڪستاني ڊيزائنر حسين رهر جو ڊيبيو هو جڏهن ته 2018 ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان ڪانز ريڊ ڪارپيٽ تي ڊيبيو ڪرڻ واري پهرين پاڪستاني اداڪارا هئي.