ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ملڪ جي مارڪيٽن ۾ اڄ ٻيهر سون جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 77 هزار 162 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت 772 رپيا وڌڻ کانپوءِ 4 لک 9 هزار 89 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالرن جي واڌ سان 4548 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like