ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار نه هجڻ گهرجن، جيترا وڌيڪ اختيار هوندا اوتري ڪرپشن وڌندي:شبر زيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران هو سخت دٻاءَ ۾ هئا ۽ جيڪي سڌارا آڻڻ چاهيندا هئا، اهي مڪمل نه ٿي سگهيا۔ميڊيا سان ڳالهائيندي شبر زيدي ٻڌايو ته هن پراپرٽي ويليويشن ٽيبلز ۾ تبديليون، واپارين جي رجسٽريشن ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشنز کي ٽيڪس نظام سان ڳنڍڻ جون ڪوششون ڪيون هيون، پر انهن قدمن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو۔هن چيو ته هن ايف بي آر مان 10 کان 15 هزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، ڇو ته ايتري وڏي عملي جي ضرورت نه هئي، پر اهي تجويزون به عملي صورت اختيار نه ڪري سگهيون۔شبر زيدي موجب هو پنهنجي گهرڀاتين جي مشوري تي ڪراچي واپس آيو، جڏهن ته عمران خان کيس ٻيهر ايف بي آر ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو۔ هن چيو ته جڏهن هو واپس ويو ته ساڳيو پراڻو نظام ڏسي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ ٻيهر ڪراچي موٽي آيو هن چيو ته پاڪستان ۾ “تبديلي” هاڻي رڳو هڪ لفظ بڻجي چڪي آهي۔ شبر زيدي وڌيڪ چيو ته پاڪستان اڃا تائين جي ڊي پي جي حساب سان صرف 10 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي مؤثر ٽيڪس وصولي نه هجڻ آهي۔هن اهو به چيو ته ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار نه هجڻ گهرجن، ڇو ته جيترا وڌيڪ اختيار هوندا، اوتري وڌيڪ ڪرپشن وڌندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.