بهتر حڪمراني لاءِ سڌارا ضروري آهن،سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪنداسين:جي ڊي اي

ڪراچي(رپورٽر )گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سربراهه پير صاحب پاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جو اهم مشاورتي اجلاس راجا هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم قومي ۽ صوبائي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي، غلام مرتضيٰ جتوئي، سيد محمد راشد شاهه، سيد محمد اسماعيل شاهه، ڊاڪٽر صفدر عباسي، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه، سائرہ بانو، سردار عبد الرحيم، معظم خان عباسي، حسنين مرزا، نند ڪمار گوڪلاني، سيد شفقت شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران سنڌ ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال ۽ اسمگلنگ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔ اڳواڻن چيو ته صوبائي حڪومت مبينا طور منشيات جي ڪاروبار ۾ شامل هجڻ سبب منشيات جي خاتمي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي۔ اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته منشيات فروشن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي۔ مڪاني حڪومتن جي نظام بابت ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ حقيقي بلدياتي نظام موجود ناهي ۽ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيڻ سبب عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهن،اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 140-اي تحت بااختيار بلدياتي نظام قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ اجلاس ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاست، نون ڊويزنن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت معاملن تي پڻ خيال ونڊيا ويا۔ اڳواڻن چيو ته بهتر حڪمراني ۽ عوامي سهولتن لاءِ انتظامي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن، پر سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي۔ وفاقي حڪومت جي ادارن ۾ رائيٽ سائيزنگ بابت ڳالهائيندي اجلاس ۾ چيو ويو ته سرڪاري ادارن جا غير ضروري خرچ گهٽائي قومي وسيلن کي مؤثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ملازمن جي حقن جو مڪمل تحفظ پڻ يقيني بڻايو وڃي۔ ڪراچي ۽ گوادر جي اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ تجارتي اهميت تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن ته گوادر مستقبل ۾ علائقائي واپار جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري ٻنهي شهرن ۾ انفراسٽرڪچر، امن امان ۽ سيڙپڪاري جا موقعا بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي،اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جي ڊي اي سنڌ جي عوام جي حقن، جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ صوبي جي وسيلن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.