ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي جو دورو ڪيو، جتي سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنه، انجنيئرز، ڪنسلٽنٽس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ موجود هئا۔ ريڊ لائن بي آر ٽي اختيارين پاران سينيئر وزير کي منصوبي تي جاري ڪم ۽ پيش رفت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪس ٽريفڪ لين تي تعميراتي ڪم ڏينهن ۽ رات ٻنهي وقتن ۾ لاڳيتو جاري آهي، جڏهن ته لاٽ ٽو تي ايف ڊبليو او انتهائي تيزي ۽ مستعدي سان ڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته يونيورسٽي روڊ تي مڪس ٽريفڪ هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي، سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي سرگرميون جاري آهن ۽ ڪيترن ئي ميگا منصوبن تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي۔ ڪراچي ۾ جديد طرز جي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالن، يونيورسٽين ۽ ٻين عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي۔ هن چيو ته ڪجهه هنڌن تي ڪم ۾ وڌيڪ وقت لڳو، جنهن تي حڪومت معذرت خواه آهي، پر هي بي آر ٽي منصوبو مستقبل لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري سهولت ثابت ٿيندو،سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو سياست ۽ تنقيد ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ڪندا رهن، پر حڪومت جي اولين ترجيح عوامي ترقياتي منصوبا آهن،حڪومت جي ڪوشش آهي ته بي آر ٽي بس سروس جلد کان جلد شروع ڪئي وڃي۔ هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪافي نرمي اختيار ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن ڪو ادارو يا فرد پنهنجا فرض انجام نه ڏيندو ته حڪومت ضروري ڪارروائي ڪندي۔منشيات بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نشو هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ سنجيده نوعيت جو چئلينج آهي، جنهن کي بحيثيت قوم ايتري سنجيدگي سان نه ورتو ويو آهي جيترو وٺڻ گهرجي ها۔ هن چيو ته ان معاملي ۾ ڪيترائي وڏا نالا سامهون آيا آهن، پر هو ڪنهن جي تذليل يا ڪردارڪشي نٿا چاهين۔ سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن ان کي تماشو بڻائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته نشي جو اثر صرف هڪ فرد تي نه پر سڄي خاندان تي پوندو آهي۔ آئس، هيروئن ۽ ڪوڪين انتهائي خطرناڪ منشيات آهن، جن خلاف سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي،هن چيو ته نشي جا عادي ماڻهو، خاص طور ٻار، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نٿا رهن، تنهن ڪري معاشري کي بچائڻ لاءِ ڊرگ ڊيلرز کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي، اين ايف سي بابت هڪ سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڃا تائين اين ايف سي تي ڪا به رسمي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، جڏهن ته جڏهن اهڙي نوعيت جي باضابطه اڳڀرائي ٿيندي ته ان تي تفصيلي ڳالهه ڪئي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي هڪ لفٽ سلپ ٿي آهي، پر خوشقسمتي سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيوهوڏانهن شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، وزيراعليٰ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت معاون خصوصي ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد شاهراهِ ڀٽو جو تفصيلي دورو ڪيو۔ ان موقعي تي کين منصوبي تي جاري ترقياتي ڪم ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي۔بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهراهِ ڀٽو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪئي پئي وڃي ۽ 23 مئي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جو افتتاح ڪندو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪري رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا مخالف صرف پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڪنهن به نئين آئيني ترميم بابت هن وقت تائين سنڌ حڪومت سان ڪو رابطو ناهي ڪيو، ۽ عوام کي افواهن تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست عملي طور تي ختم ٿي چڪي آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن مولانا فضل الرحمان کي هڪ سينئر سياستدان قرار ڏيندي چيو ته سياسي جماعتن جو پاڻ ۾ رابطو ۽ ڳالهه ٻولهه انهن جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، پر چونڊن ۾ پيپلز پارٽي خلاف ٺهندڙ اتحاد کي هميشه شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو۔