سلهٽ ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن: پاڪستاني ٽيم 232 تي آئوٽ

سلهٽ ۾ هلندڙ ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ بنگلاديش خلاف 232 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ميزبان ٽيم کي پهرين اننگز ۾ 46 رنز تي اڳيان وڌيل آهي.

پاڪستان 21 رنز بنا ڪنهن نقصان جي ٻي ڏينهن راند جي شروعات ڪئي پر ٻئي اوپنرز جلد ئي پنهنجون وڪيٽون وڃائي ويٺا، اذان اويس 13 ۽ عبدالله فضل 9 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

انکانپوءِ ڪپتان شان مسعود 21 رنز ٺاهي پويلين لُٽي ورتو، بابر اعظم 68، سعود شڪيل 8، سلمان آغا 21 ۽ محمد رضوان 13 رنز ٺاهي سگهيا.

انکانسواءِ حسن علي 18، ساجد خان 38 ۽ خرم شهزاد 10 رنز ٺاهي پويلين ويا، محمد عباس ڪا به رنز نه ٺاهي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.