اداڪار ۽ گلوڪارفرحان سعيد ڇوڪرين کي مشورو ڏيندي چيو ته سڀ کان پهريون پاڻ سان محبت ڪيو ۽ پنهنجي بابت سوچيو.
تازو فرحان سعيد هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته سڀ ڇوڪرا فراڊ هوندا آهن، ڇوڪرين کي وڌيڪ سياڻو ٿيڻ کپي.
اداڪار عورتن کي مشورو ڏيندي چيو ته سڀ کان پهريون پاڻ سان محبت ڪيو، ۽ پنهنجي باري ۾ سوچيو ٻين کي بچائڻ لاءِ پاڻ سان خراب نه ڪيو، هر شيءِ جي حد هوندي آهي. ڪنهن کي به بس هڪ موقعو ڏيڻ ڪافي هوندو آهي.
اداڪار چيو ته هو رڳو ڇوڪرن جي برائي نٿو ڪرڻ چاهي ڪجهه ڇوڪرا به اهڙا هوندا آهن جن سان زيادتي ٿيندي آهي.