اليڪشن ڪميشن والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف جي ريجسٽريشن رد ڪري ڇڏي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين تحريڪ انصاف بيرسٽر گوهر خان اليڪشن ڪميشن کان شڪايتون ڪيون.

رپورٽ موجب چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف سان تعصب ڪيو ٿو وڃي، هن ڀيري اهو فرق وارو رويو والاريل ڪشمير ۾ ڪيو ويو آهي.

بيرسٽر گوهر چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اليڪشن جولاءِ ۾ آهي ڪشمير هاءِ ڪورٽ والاريل ڪشمير جي اليڪشن ايڪٽ 2020 تحت سمورين سياسي جماعتن جي ٻيهر ريجسٽريشن جي هدايت ڪئي هئي، تحريڪ انصاف والاريل ڪشمير ۾ 20 نومبر 2023 تي ريجشٽريشن ڪرائڻ لاءِ سمورا ڪاغذ جمع ڪرايا.

بيرسٽر گوهر چيو ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ريجسٽريشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي درخواست کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ تازو 30 مهينن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران والاريل ڪشمير ۾ پريس ريليز ذريعي تحريڪ انصاف جي رجسٽريشن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي.

بيرسٽر گوهر الزام هڻندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف کي برابري جي بنياد تي سلوڪ نٿو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.