ٽرمپ جي دوري کانپوءِ چين جو آمريڪا کان جهاز ۽ انجڻيون خريدڻ جو اعلان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي واپار واري وزارت آمريڪا سان جهازن، جيٽ انجڻين ۽ لاڳاپيل پرزن جي خريداري واري معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، چيني وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ چين پاران آمريڪي جهازن جي خريداري ۽ آمريڪا طرفان جهازن جي انجڻين توڙي پرزن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ چئي چڪو آهي ته معاهدي تحت گهٽ ۾ گهٽ 200 جهاز آمريڪي ڪمپني ”بوئنگ“ کان خريد ڪيا ويندا، جڏهن ته 450 جهازن جون انجڻيون ”جنرل اليڪٽرڪ“ کان حاصل ڪيون وينديون.
ٻئي پاسي بوئنگ ڪمپني به هڪ مختصر بيان ۾ ان معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته چين سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ 200 جهازن جي شروعاتي خريداري تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اختيارين معاهدي جي ماليت يا جهازن جي حتمي انگ جي تصديق ناهي ڪئي، پر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هي معاهدو 750 جهازن تائين به وڃي سگهي ٿو.
واضح رهي ته هي اعلان آمريڪي صدر جي چين جي تازي دوري کان هڪ ڏينهن پوءِ سامهون آيو آهي.
ان دوري ۾ آمريڪا جي وڏين ڪمپنين جا سربراهه به شامل هئا، جن چيني قيادت سان ملاقاتون ڪيون.
چيني ميڊيا موجب، جيڪڏهن 200 جهازن جي خريداري کي حتمي شڪل ڏني وئي ته اهو 2017ع کانپوءِ چين پاران بوئنگ ڪمپني کي ڏنل سڀ کان وڏو آرڊر هوندو.
ان کان اڳ 2017ع ۾ ٽرمپ جي چين دوري دوران 37 ارب ڊالرن جي عوض 300 جهازن جو معاهدو طئي ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.