حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پنڪي نيٽورڪ جي وائکي ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ تعليمي ادارن کي منشيات سپلاءِ ڪندڙ مبينا عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، جوابدار عورت امرين عرف گُڏي چانڊيو جي قبضي مان 3 ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ 23 گرام کان وڌيڪ هيروئن به هٿ ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي حيدرآباد وڌيڪ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون.