تھران(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اڻ اعلانيل دوري تي ايران جي گاديءَ واري شهر تھران پهچي ويو آهي، جتي هو ايراني اختيارين سان اهم ملاقاتون ڪندو.
ايراني سرڪاري خابرو اداري ”ارنا“ ذريعن جو حوالي سان چيو آهي ته محسن نقوي ڪجهه ڪلاڪ اڳ تھران پهتو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان هن وقت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ امن ڳالهين لاءِ ايراني توڙي آمريڪي اختيارين جي ميزباني به ڪري چڪو آهي.
ياد رهي ته پاڪستاني گهرو وزير هڪ مهينو اڳ ملڪ جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ به ايران جو دورو ڪيو هو.
هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان اعلان ڪيو هو ته آمريڪا طرفان سامونڊي جهاز قبضي ۾ وٺڻ کانپوءِ سنگاپور جي سمنڊ ۾ موجود 20 ايراني ۽ 11 پاڪستاني مهاڻن جي واپسي جو عمل جاري آهي ۽ واعدو ڪيو ويو ته انهن سڀني کي ٿائيلينڊ کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.
You might also like