ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ”دي ورج“ موجب، جپاني ٽيڪنالوجي ڪمپني سوني پنهنجو نئون فليگ شپ سمارٽ فون ”ايڪسپيريا ون ايٽ“متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪيئي سالن کانپوءِ ڪمپني اهم تبديليون ڪيون آهن.
ڪمپني نه rio فون جي ظاهري لُڪ تبديل ڪيو آهي پر ڪئميرا، آڊيو ۽ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ) سان لاڳاپيل ڪيترائي نوان فيچرز پڻ شامل ڪيا آهن.
سوني جا ايڪسپيريا ون سيريز فونز سال 2020 کان گهڻي ڀاڱي هڪجهڙي ڊيزائن سان پيش ڪيا پئي ويا، پر نئين ماڊل ۾ ڪمپني ان روايت کي بدلائيندي نئون ۽ انوکو انداز اپنايو آهي.
ماضي جي فونز ۾ ٽئي ڪيمرائون مٿي کاٻي ڪنڊ ۾ عام انداز ۾ هونديون هيون، پر نئين ماڊل ۾ انهن کي هڪ چورس نما ڪئميرا آءِ لينڊ ۾ رکيو ويو آهي، ان بلاڪ ۾ ٽن ڪيمرائن سان گڏ فليش ۽ سوني جو لوگو پڻ موجود آهي، ڪيمرا آءِ لينڊ فون جي باڊي کان ٿورو اُڀريل آهي.
ٽيڪنالاجي ماهرن موجب، ان جي ڊيزائن ڪجهه حد تائين آءِ فون جهڙي محسوس ٿئي ٿي، پر ان جي جوڙجڪ موٽرولا جي هاڻوڪي ايج فونز سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي.
ڪمپني هيءَ فون بليڪ، سلور، ريڊ ۽ گولڊ رنگن ۾ متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته سونهري رنگ رڳو سون جي آن لائن اسٽور تي دستياب هوندو.
فون جي بيڪ پئنل، ڪيمرا آءِ لينڊ ۽ ايلومينيم جي ڪنارن تي هلڪي ٽيڪسچر فنش ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪيمرا شٽر بٽڻ کي خاص انداز ۾ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ته جيئن فوٽوگرافي دوران بهتر پڪڙ حاصل ٿي سگهي.
سوني پنهنجي روايتي فيچرز کي به برقرار رکيو آهي، جن ۾ 3.5 ملي ميٽر هيڊ فون جيڪ ۽ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ شامل آهن، کانسواءِ فون کي IP65 ۽ IP68 واٽر ۽ ڊسٽ ريزسٽنس ريٽنگ به ڏني وئي آهي.
ڪمپني موجب، نئين فون جو سڀ کان وڏو اپ گريڊ ان جو ٽيلي فوٽو ڪيمرا آهي.
ايڪسپيريا ون ايٽ ۾ 1.56 انچ جو سينسر استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ اٽڪل چار ڀيرا وڏو آهي.
هي سينسر سائيز ۾ ايمپيل ۽ سامسنگ جي ڪيترن ئي فليگ شپ فونز کان به وڏو آهي.
ان جو 48 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو لينس f/2.8 اپرچر سان ڏنو ويو آهي جيڪو 70 ملي ميٽر جي برابر زوم فراهم ڪري ٿو.
ماهرن موجب، جيڪڏهن سوني جي ايميج پروسيسنگ بهتر ثابت ٿي ته هي مارڪيٽ جي بهترين ٽيلي فوٽو ڪيمرائن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. پر وڏي سينسر جي ڪري ڪمپني پنهنجو گذريل ”ڪانٽينيوس آپٽيڪل زوم“ فيچر ختم ڪري ڇڏيو آهي.
فون ۾ مين ۽ الٽرا وائيڊ ڪيمرائون پڻ 48 ميگا پڪسل جون آهن، پر اهي گهڻو ڪري گذريل ماڊل جهڙيون ئي آهن.
نئين فون ۾ ”اي آءِ ڪيمرا اسسٽنٽ“ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو تصوير وٺڻ کان اڳ واهپيدار کي مناسب لينس، فريم، فلٽرز ۽ روشني جي حوالي سان تجويزون ڏيندو آهي.
هي اسسٽنٽ تصوير جي سبجيڪٽ کي روشن ڪرڻ جهڙيون تبديليون تجويز ڪري ٿو جڏهن ته پس منظر (بئڪ گرائونڊ) کي متاثر نٿو ڪري، پر جي واهپيدار چاهي ته ان فيچر کي مڪمل طور بند به ڪري سگهي ٿو.
رپورٽن موجب، هي فيچر گوگل جي پڪسل فونز ۾ موجود ڪيمرا ڪوچ کان وڌيڪ جديد محسوس ٿئي ٿو.
فون ۾ 5000 ايم اَي ايڇ بيٽري ۽ 30 واٽ فاسٽ چارجنگ ڏني وئي آهي، جيڪا گذريل ماڊل جهڙي ئي آهي.
ان ۾ 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج پڻ شامل آهي، جڏهن ته ان جي شروعاتي قيمت 1399 پائونڊ رکي وئي آهي.
ڪيئي ورهين کانپوءِ ڊيزائن ۽ فيچر تبديل،سوني جو نئون فليگ شپ سمارٽ فون ”ايڪسپيريا ون ايٽ“ متعارف
You might also like