ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪئي آهي.
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي سيد راشد شاهه، معظم عباسي، حسنين مرزا، مسرور جتوئي، راشد محمود سومرو ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
ملاقات دوران اڳواڻن وچ ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.