ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان چيو آهي ته ڏسندا، پنڪي جو اهو برانڊ ئي سندس ڦندو بڻجندو، 12 مئي تي پوليس ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڏيڍ ڪلو ڪوڪين ۽ 7 ڪلوگرام ڪيميڪل هٿ آيو، جڏهن ته گارڊن ٿاڻي جي حدن ۾ ڪارروائي دوران پنڪي کي گرفتار ڪيو ويو، سينٽرل پوليس آفيس ۾ ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن عامر فاروقي ۽ ڊي آءِ جي اولهه عرفان بلوچ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي پوليس چيف چيو ته منشيات فروش پنڪي وٽان هڪ پسٽل پڻ هٿ آيو، عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران غفلت ٿي، جنهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي هٽايو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، آءِ جي سنڌ به هڪ ٽيم ٺاهي آهي، جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، آزاد خان چيو ته ٻن ڏينهن دوران پنڪي کان جاچ ڪئي وئي آهي، پنڪي خلاف 20 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان 6 ختم ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 9 ڪيس نيٽ ورڪ خلاف آهن پر انهن 9 ڪيسن ۾ پنڪي جو نالو شامل ناهي، ڪراچي پوليس چيف موجب منشيات فروش پنڪي 2014ع کان ڪم ڪري رهي هئي، جڏهن ته 2018ع کان ڪراچي ۾ سرگرم ٿي، سندس فون جو فارنزڪ ڪرايو ويو آهي، جنهن مان 869 نمبر مليا آهن، جن مان 132 ڪراچي جا آهن، هن چيو ته جاچ رڳو ڪراچي تائين محدود ناهي، جيڪي ماڻهو کانئس منشيات وٺي وڪرو ڪندا هئا، انهن کي به گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار عورت جي سهولتڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو پيو وڃي، آزاد خان وڌيڪ چيو ته پنڪي جي بينڪ اڪائونٽن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن ۽ سندس طرفان 3 ڪروڙ رپين جون ٽرانزيڪشنون ڪيون ويون آهن، اها منشيات ٻاهرين ملڪن کان ايندي هئي، جوابدارياڻي پنجاب ۾ موجود هئي، جڏهن ته پنڪي ڪيس بابت ايف آءِ اي ۽ سائبر ڪرائم سان پڻ رابطو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پنڪي ڪيس بابت وڏي پيماني تي جاچ جاري آهي ۽ ملوث جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، ڪراچي پوليس چيف چيو ته سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان هليو ۽ ائين لڳو ڄڻ ولن کي هيرو بڻايو پيو وڃي، پوليس تي تنقيد درست هئي، پر ڪردار ڪشي پڻ ڪئي وئي، آزاد خان موجب ڪيس ۾ آفريقا جا 6 ماڻهو به ملوث آهن۔ ڪيترن صحافين وٽ معلومات هئي، پر انهن جاري نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته اهو حساس ڪيس آهي ۽ اسان جا ٻار متاثر ٿي رهيا آهن، تنهن ڪري جاچ کي ڪجهه حساس رکڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته ايتري عرصي تائين لاهور ۾ به جوابدار عورت گرفتار نه ٿي سگهي هئي، تنقيد پنهنجي جاءِ تي، پر اهي ئي پوليس اهلڪار محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن، پنڪي کي لاهور نه پر ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو، هر ادارو پوليس سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ اهو پوليس لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، هر ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان جي جونيئر آفيسر هن پنڪي کي گرفتار ڪيو آهي.
انمول جي گراهڪن جا نالا سامهون اچي ويا، ڊگهي فهرست آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار منشيات فروش پنڪي اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ به آپريٽ ڪري رهي هئي ۽ ان جا گراهڪن جا نالا به سامهون اچي ويا، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر بلال جدون جي ڌيان ڏياريو نوٽيس تي ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير چيو ته منهنجي تڪ پي ايس-109 هجرت ڪالوني ۾ منشيات عام وڪرو ٿي رهي آهي، ريلوي ٽريڪ تي به کليل عام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي،هن چيو ته نيپيئر روڊ پان منڊي تي منشيات سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي، پنڪي چوندي آهي ته مان ٻاهر اچي وينديس ۽ هو اسان جي نظام تي کلندي آهي، عدالت ۾ کيس ملندڙ پروٽوڪول سسٽم جي منهن تي چماٽ آهي، پنڪي کي گرفتار ڪرڻ تي تعريف ٿيڻ گهرجي ۽ جن پوليس آفيسرن کيس پروٽوڪول ڏنو انهن کي معطل ڪيو ويو آهي، ضرورت پئي ته کين گرفتار به ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته سنڌ پوليس انٽيليجنس ادارن جي مدد سان پنڪي کي گرفتار ڪيو، سندس ٻيهر ريمانڊ ورتو ويو آهي ۽ معاملي جي مڪمل جاچ جاري آهي،اسيمبلي ۾ سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ تفصيل ٻڌائيندس، جيڪڏهن اجازت ملي ته نالا به ظاهر ڪيا ويندا، ضياءُ الهسن لنجار موجب پنڪي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ به سرگرم هئي ۽ گراهڪن جا نالا به سامهون اچي ويا آهن، تنهنڪري ڪنهن تي به غير ضروري الزام نه لڳايا وڃن، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات جي وڪري ۽ خريداري انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، اسان سخت مهم هلائي آهي، ۽ هر ميمبر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته منشيات صرف سنڌ جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي، پنڪي جي گرفتاري حڪومت جي ڪاميابي آهي ۽ منشيات خلاف وڏي سطح تي ڪارروائي جاري رهندي، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڊگهي فهرست موجود آهي جنهن ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جا نالا آهن، پر منشيات کي جڙ کان ختم ڪرڻ ضروري آهي، حڪومت جي نيت صاف آهي، ۽ منشيات خلاف معلومات ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
پنڪي نيٽ ورڪ جي رائيڊرن ۽ ڪيريئرن جو ڊيٽا تيار، عورتون به شامل
ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروش پنڪي جي نيٽ ورڪ جي رائيڊرن ۽ ڪيريئرز جو ڊيٽا تيار، عورتون به شامل آهن، ڪراچي ۾ منشيات فروشي جو وڏو نيٽ ورڪ هلائڻ جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جي هينڊلرن، ڪيريئرز ۽ رائيڊرز جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو، تيار ڪيل ڊيٽا گراف ۾ جوابدارن جون تصويرون به شامل ڪيون ويون آهن، ڊيٽا موجب نيٽ ورڪ ۾3 هينڊلرن ۽ 22 ڪيريئرز ذريعي ڪراچي ۾ منشيات سپلاءِ ڪئي ويندي هئي، جتي هينڊلرن کان ڪيريئرز ۽ پوءِ رائيڊرز ذريعي منشيات گراهڪن تائين پهچائي ويندي هئي، ذريعن موجب حمزا، عباس ۽ عاقب پنڪي جا ڪراچي ۾ هينڊلرز هئا، جڏهن ته رابطو پنڪي جي ڀاءُ شوڪت ذريعي ڪيو ويندو هو، ڊيٽا رپورٽ موجب ڊرگ ڪارٽيل جي ڪيريئرز ۾ 3 عورتون به شامل آهن، جن کي 70 هزار رپيا ماهوار تنخواهه تي رکيو ويو هو، ذريعن موجب لاهور مان ايندڙ منشيات کي انمول عرف پنڪي جو ڀاءُ ناصر ڪيميڪل ملائي تيار ڪندو هو، پنڪي جا 8 رائيڊرز لاهور، فيصل آباد ۽ وهاري مان اچي ڪراچي ۾ منشيات پهچائيندا هئا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
پنڪي کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو؟ وڪيل ٻڌائي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) انمول عرف پنڪي کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو ۽ گمشدگي جي درخواست ڪٿي داخل ڪئي وئي؟ ان حوالي سان وڪيل تفصيل ٻڌائي ڇڏيا، رپورٽ موجب ڪوڪين ڪوئين ۽ منشيات ڊيلر انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ جوابدار عورت جي وڪيل پير هدايت الله ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل ٻڌايو ته انمول کي پهرين مئي تي لاهور مان تحويل ۾ ورتو ويو هو، جنهن بعد گم ٿيل شخص بابت درخواست لاهور ۾ داخل ڪئي وئي هئي، پير هدايت الله ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجي اصيل کي غير قانوني طور تحويل ۾ رکيو ويو، جڏهن ته کيس غير قانوني طريقي سان گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، مون انمول جي ڪيسن ۾ وڪالت نامو جمع ڪرايو آهي، هن چيو ته انمول کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃڻو هو پر پوليس پيش نه ڪيو، پوليس عدالت ۾ ڪنهن به قسم جي رپورٽ يا اطلاع به جمع ناهي ڪرائي، وڪيل موجب کيس ڄاڻ ملي آهي ته انمول جي طبيعت رات کان خراب آهي، جڏهن ته انمول ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ۽ گردن ۾ سور جي شڪايت به ڪئي هئي.
پنڪي کي ڪيسن ۾ ڪيترو رليف مليو؟ جاچ جو دائرو وسيع
لاهور (بيورو) ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي کي ڪيسن ۾ ڪيتري رليف ملي ۽ ڪهڙا آفيسر کيس بچائڻ ۾ ملوث رهيا؟ ان حوالي سان جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو ،منشيات اسمگلر انمول عرف پنڪي خلاف انويسٽيگيشن پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور سيد ذيشان رضا، ايس پي سي آر او جي سربراهي ۾ خاص ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا لاهور جي سمورن ٿاڻن ۾ پنڪي جو گذريل ڏهن سالن جو رڪارڊ چيڪ ڪندي، ذريعن موجب لاهور ۾ هن وقت تائين انمول عرف پنڪي خلاف چار ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، ڪوٽ لکپت، اقبال ٽائون، لياقت آباد ۽ وحدت ڪالوني ٿاڻن ۾ پنڪي خلاف نامزد ڪيس داخل آهن، پر ڪيسن ۾ نالو هجڻ باوجود سندس ڪنهن به هڪ ڪيس ۾ ڪرمنل رڪارڊ نه ٺاهيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ڪيس ۾ پنڪي جو چالان پيش نه ڪيو ويو، جڏهن ته چئن ئي ڪيسن ۾ سندس گرفتاري ملتوي رکي وئي، ڪميٽي اها به جاچ ڪري رهي آهي ته پنڪي کي ڇو گرفتار نه ڪيو ويو، ڪهڙا پوليس آفيسر کيس بچائڻ ۾ ملوث هئا ۽ ڪنهن آفيسر ڪيتري رشوت ورتي، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن لاهور سيد ذيشان رضا چيو آهي ته فرضن ۾ غفلت ڪندڙ آفيسر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، پنڪي کي بچائڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪرمنل دفعات تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.
پنڪي جي نشاندهي تي ڪراچي مان 45 لک رپين جي ڪوڪين هٿ
ڪراچي (رپورٽر) ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي جي نشاندهي تي پوليس ابو الحسن اصفهاني روڊ جي اي ون ڪمپليڪس ۾ ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ ڪوڪين هٿ ڪري ورتي، ذريعن موجب هٿ آيل منشيات جي ماليت 45 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، پوليس جوابدارياڻي انمول عرف پنڪي خلاف سچل ٿاڻي ۾ نئون ڪيس نمبر 783/26 داخل ڪري ڇڏيو، ڪيس اسٽيشن انويسٽيگيشن آفيسر بغدادي مثل خان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن بعد جوابدار عورت خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي، ايف آءِ آر موجب جاچ دوران پنڪي ڪوڪين جي موجودگي بابت انڪشاف ڪيو، جنهن بعد عورت اهلڪارن سان گڏ ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس ابو الحسن اصفهاني روڊ جي اي ون ڪمپليڪس تي ڇاپو هنيو، جتي پنڪي پاڻ پوليس کي فليٽ جي نشاندهي ڪئي، پر فليٽ تي تالو لڳل هو، پوليس تالو ٽوڙي فليٽ اندر داخل ٿي تلاشي ورتي ته باٿ روم مان ٿيلهن ۾ پيڪ ٿيل 228 گرام ڪوڪين هٿ آئي، جڏهن ته 7 خالي ڊبيون به هٿ ڪيون ويون.
پنڪي کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، مٿس وڌيڪ 2 ڪيس داخل
ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف وڌيڪ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ جوابدار عورت جي طبيعت به خراب ٿي وئي ۽ وڪيل کيس جيل موڪلڻ لاءِ عدالت ۾ وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، رپورٽن موجب بين الصوبائي منشيات فروش انمول عرف پنڪي پاران مير هدايت الله ايڊووڪيٽ عدالت ۾ وڪالت نامو جمع ڪرايو، وڪيل پاران اهو وڪالت نامو بغدادي ۽ درخشان ٿاڻن ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ جمع ڪرايو ويو، وڪيل موجب عدالت کان پنڪي کي جيل موڪلڻ جي استدعا ڪئي ويندي، منهنجي اصل جي طبيعت ناساز آهي ۽ رات به سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، ان کان سواءِ پوليس اختيارين پاران پنڪي جي طبي معائني جي رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ به عدالت آڏو جمع ڪرائي ويندي.
پنڪي جي انڪشافن کان پوءِ پنجاب جي منشيات نيٽ ورڪ ۾ ٿرٿلو
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار انمول پنڪي جي انڪشافن کان پوءِ پنجاب جي منشيات نيٽ ورڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڪراچي مان گرفتار انمول پنڪي جي انڪشافن کان پوءِ پنجاب جي منشيات نيٽ ورڪ ۾ وڏي هلچل مچي وئي، لاهور پوليس ڪراچي پوليس سان رابطو ڪري پنجاب جي منشيات ڊيلرن جي فهرست طلب ڪري ورتي، پوليس اختيارين موجب انمول پنڪي ڪيس ۾ پنجاب ڀر ۾ منشيات فروشن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنڪي جا پنجاب ۾ ڊرگ ڊيلرز بابت انڪشاف به لاهور پوليس سان شيئر ڪيا ويندا۔ اختيارين جو چوڻ آهي ته لاهور پوليس ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪراچي پوليس کان به تفصيل حاصل ڪيا آهن، ذريعن موجب لاهور پوليس کي انمول پنڪي جا بيان ۽ منشيات رِيڪٽ جو رڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي، انمول پنڪي کي 2024ع ۾ ان وقت جي نارڪوٽڪس يونٽ لاهور مان گرفتار ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست دوران هڪ انسپيڪٽر رينڪ آفيسر جي انمول پنڪي سان ويجهڙائي به ٿي وئي، ذريعن موجب ان تعلق ۽ مالي ڊيل سبب کيس گرفتار ڪرڻ يا ڪيس داخل ڪرڻ بدران ڇڏيو ويو ۽ بعد ۾ اهو پوليس آفيسر انمول پنڪي سان شادي به ڪري ڇڏي ۽ 2025ع ۾ رٽائر ٿي ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ آفيسر سندس ڪرمنل رڪارڊ ٺهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ سروس دوران ڪروڙين رپين جون ڊيلون به ڪرائيندو رهيو، جڏهن ته رٽائرمينٽ کان پوءِ به هو سندس نيٽ ورڪ ۾ سهولتڪار رهيو، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته انمول پنڪي لاهور جي فارم هائوسز تي وڏيون پارٽيون ڪندي رهي، جن ۾ ڪجهه پوليس آفيسر ۽ منشيات جا عادي امير ماڻهو به شامل ٿيندا هئا.