ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي نوجوان آل رائونڊر راچن رويندرا انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) جو سيزن اڌ ۾ ڇڏي نيوزيلينڊ روانو ٿي ويو..
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز(ڪي ڪي آر ) جي نمائندگي ڪندڙ راچن رويندرا جاري سيزن دوران هڪ به ميچ نه کيڏي سگهيو، جنهن کانپوءِ هن هاڻي پنهنجي قومي ٽيم جي ذميوارين کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، راچن رويندرا انگلينڊ خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز جي تياري لاءِ نيوزيلينڊ روانو ٿي ويو آهي.
ان حوالي سان ڪرڪيٽر جو چوڻ آهي ته هن وقت هن جو پورو ڌيان انگلينڊ جي دوري تي کتل آهي ته جيئن هو پنهنجي ملڪ لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي.