گوگل جو اَي آءِ کي عام ڪرڻ جو پهه، اينڊرائيڊ واهپيدارن کي وڏي سهولت ڏئي ڇڏي

گوگل پاران جيمناءِ کي اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ ڪروم ويب جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب گذريل ڏينهن اينڊرائڊ شو نالي ايونٽ جي موقعي تي ڪمپني اهڙو اعلان ڪيو آهي. جون ۾ اينڊرائڊ ڊيوائسز ۾ ڪروم برائوزر ۾ جيمناءِ کي حصو بڻايو ويندو. گوگل جي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ جو بٽڻ برائوزر جي مٿان موجود انٽرفيس ۾ ڌار ڏنو ويندو.ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اسڪرين جي هيٺان هڪ پينل ۾ اهو اي آءِ چيٽ بوٽ کُلي ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ ڪروم جي هن ورزن ۾ ذري گهٽ سمورا فيچرز دستياب هوندا جيڪي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر تي دستياب هوندا آهن جيئن نانو بنانا، اميج ٽول، گوگل ڪلينڊر، گوگل ڪيپ ۽ جيمناءِ انٽيليجنس وغيره.

رپورٽ موجب اينڊرائڊ ڊيوائسز ۾ هڪ نئين آٽو برائوزر فيچر جو واڌارو ڪيو ويندو، ان فيچر سان جيمناءِ برائوزر مخصوص ڪمن کي پاڻمرادو ڪري سگهندو پر اهو فيچر گوگل اي آءِ پرو يا اي آءِ الٽراسبسڪرائبرز کي ئي دستياب هوندو.

ڪمپني ٻڌايو ته گوگل ڪروم برائوزر ۾ جيمناءِ جو واڌارو اينڊرائڊ 12 يا ان کانپوءِ جي ورزن ۾ ڪم ڪرڻ وارن فونز ۾ ڪيو ويندو. حقيقيت ۾ اهڙين سمارٽ فونز ۾ ئي فيچر هوندو جنهن جي ريم گهٽ ۾ گھٽ 4 جي بي جي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.