راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران مقامي سطح تي تيار ڪيل ”فتح 4“ گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، مقامي طور تي تيار ڪيل فتح 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي، جيڪو جديد ترين نيويگيشنل مددگار نظام سان ليس آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فتح 4 ميزائل ڊگهي فاصلي تائين نهايت درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي سينئر آفيسرن ڪروز ميزائل جي تجربي جو مشاهدو ڪيو.
صدر ، وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز، پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي سربراهن فتح 4 جي ڪامياب تجربي کي ساراهيو آهي.