منشيات فروش پنڪي جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار ڪيل منشيات فروش انمول عرف پنڪي جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا چيو آهي ته منشيات فروش عورت انمول عرف پنڪي جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد  رضا موجب ٻه ڏينهن اڳ عدالت جوابدار عورت جي جسماني رمانڊ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد  ڪالهه کيس ٻيهر جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اسد رضا ٻڌايو ته عدالت آڏو منشيات فروش جي جسماني رمانڊ لاءِ ٻيهر استدعا ڪئي وئي، جنهن تي عدالت 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو، جسماني رمانڊ جي منظوري بعد پوليس پنڪي کي عدالت مان واپس وٺي رواني ٿي وئي، پنڪي جي قبضي مان ڪروڙين رپين ماليت جي ڪوڪين ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ آيون هيون.

ڪم ايئن ئي هلندو: پنڪي جو وڌيڪ آڊيو پيغام سامهون اچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروش عورت انمول عرف پنڪي کي گرفتاري جو خدشو اڳواٽ ئي هو، جنهن حوالي سان سندس گرفتاري  کان اڳ رڪارڊ ڪيل هڪ ٻي آڊيو پڻ سامهون اچي وئي، رپورٽن موجب ڪراچي پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي جي هڪ وڌيڪ آڊيو رڪارڊنگ منظرعام تي آئي، جنهن ۾ هوءَ ڪجهه هدايتون جاري ڪندي ٻڌي وڃي ٿي،سامهون آيل آڊيو ۾ پنڪي پنهنجي ڪلائنٽن کي چئي رهي آهي ته ”جيڪڏهن توهان منهنجو هي ميسيج ٻڌي رهيا آهيو ته يا ته مون سان ڪو مسئلو ٿيو آهي يا مان هن دنيا ۾ نه آهيان، آڊيو ۾ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته انهي ئي نمبر تان ڪو ماڻهو توهان سان رابطو ڪندو، پنڪي موجب رابطو ڪندڙ هڪ مرد هوندو، جيڪو سندس دوست آهي ۽ اهو ئي اهو ڪم سنڀاليندو، رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انمول پنڪي جي پوليس اهلڪار ڪامران نالي شخص سان منسوب هڪ آڊيو پڻ سامهون آئي، جنهن بعد جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو.

پنڪي ڪيس ۾ملوث بااثر شخصيتن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(بيورو)سينيٽر فيصل سليم جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  جي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ پڪڙيل ڊرگ ڪوئين انمول عرف پنڪي جو معاملو غور هيٺ آندو ويو، چيئرمين ڪميٽي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته پنڪي کي ضمانت ڏيندڙ جج جي ٽيسٽ جي هدايت ڏيان ها،هن چيو ته سرِعام منشيات وڪرو ڪندڙ عورت عدالتن ۾ پروٽوڪول سان گهمندي رهي، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي۔ڪاميٽي ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي هدايت ڪئي ته انمول عرف پنڪي جي سپلائرز، سهولتڪارن ۽ سموري نيٽ ورڪ بابت مڪمل تفصيل گڏ ڪيا وڃن ۽ فوري جاچ ڪئي وڃي۔فیصل سلیم چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارليامينٽ ميمبر يا ڪنهن بااثر شخصيت جو نالو سامهون اچي ته ان جا تفصيل به ڪاميٽي آڏو پيش ڪيا وڃن۔هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن جا نالا ڪال لسٽ ۾ موجود آهن، انهن کي بحالي مرڪزن ڏانهن موڪليو وڃي، جڏهن ته جنهن جج ملزمه جي ضمانت منظور ڪئي، ان جو به ٽيسٽ ڪرايو وڃي۔ڪاميٽي سيڪريٽري داخلا کان به انمول عرف پنڪي واري معاملي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔

پنڪي جي گرفتاري پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته  بدنام زمانھ منشيات فروش جوابدار انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪري پوليس ھڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته ھن ڪامياب ڪارروائي تي پوليس مبارڪن جي حقدار آھي، ڇاڪاڻ ته جوابدار عورت ڊگھي عرصي کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھربل ھُئي جوابدار انمول عرف پنڪي پوري پاڪستان ۾ منشيات جي ترسيل سپلائي جو ھڪ منظم نيٽ ورڪ ھلائي رھي ھُئي. ھن چيو ته ھي نيٽ ورڪ نوجوان نسل کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ ۾ ملوث ھو ۽ حڪومت اھڙن عناصرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي. هن جو چوڻ ھو ته گذريل ڏينھن ڪورٽ ۾ پيش آيل واقعو افسوس ناڪ  ھو

پنڪي ڪيس جي جاچ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ حوالي

 

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار منشيات فروش انمول عرف پنڪي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، ايس ايس پي  ڏکڻ کي جاچ مان هٽايو ويو، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي اولهه عرفان علي بلوچ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جي موجب عرفان بلوچ عدالت ۾ جوابدار عورت جي پيشي دوران پيش آيل معاملن جي جاچ ڪندو، جنهن ۾ پروٽوڪول تي عمل نه ڪرڻ واري معاملي جي به انڪوائري شامل هوندي، ايڊيشنل آءِ جي هدايت ڪئي آهي ته ڊي آءِ جي اولهه کي 3 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي، جڏهن ته غفلت ۽ لاپرواهي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪراچي مان پنڪي کي هڪ فليٽ مان گرفتار ڪيو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار ڪيل منشيات فروش عورت انمول عرف پنڪي کي پوليس طرفان حراست ۾ وٺڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي، سامهون آيل وڊيو ۾  ڏسي سگهجي ٿو ته انمول عرف پنڪي کي هڪ فليٽ مان گرفتار ڪيو ويو، فٽيجز ۾ پوليس اهلڪارن کي فليٽ جو دروازو کڙڪائيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته دروازو کوليندڙ عورت انمول عرف پنڪي پاڻ هئي، وڊيو ۾ وڌيڪ ڏٺو ويو ته ليڊي ڪانسٽيبل اندر داخل ٿيندي ئي پنڪي جو موبائل فون پنهنجي قبضي ۾ ورتو ۽ فليٽ جي تلاشي شروع ڪئي،ٻئي طرف گرفتار عورت ڊرگ ڊيلر کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، پوليس ذريعن موجب انمول عرف پنڪي خلاف ماضي ۾ داخل ڪيل ڪيسن جا تفصيل به گڏ ڪيا ويا آهن.

منشيات ڊيلر پنڪي کي وفاقي اداري حوالي ڪرڻ جو امڪان

لاهور (بيورو) منشيات اسمگلر پنڪي جي گرفتاري هاءِ پروفائل ڪيس بڻجي وئي، جوابدار عورت کي وفاقي اداري حوالي ڪرڻ جو امڪان وڌي ويو، ڪراچي مان گرفتار ٿيل منشيات ڊيلر انمول عرف پنڪي جو  معاملو هاڻي هاءِ پروفائل ڪيس بڻجي ويو، جڏهن ته کيس وفاقي اداري جي حوالي ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، لاهور پوليس موجب ڪراچي مان گرفتار ٿيل انمول پنڪي جو نالو لاهور ۾ داخل منشيات ڪيس ۾ پڻ سامهون آيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 2022ع ۾ سندس ڀاءُ رياض بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن دوران هن پنهنجي ڀيڻ انمول پنڪي جو نالو ظاهر ڪيو هو، ايف آءِ آر موجب رياض بلوچ ولد مراد بخش کي ڪوٽ لکپت ٿاڻي ۾ منشيات جي ڪيس هيٺ گرفتار ڪيو ويو، جتي 1590 گرام منشيات پڻ هٿ آئي هئي.

منشيات فروش پنڪي جي گرفتاري، خاص ٽيم پاران جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان پوليس هٿان منشيات فروشي جي الزام ۾ انتهائي گهربل جوابدار انمول عرف پنڪي جي گرفتاري واري معاملي تي پوليس چيف  جي حڪم بعد ٺهيل خاص جاچ ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ ٽيم معطل ڪيل ايس ايڇ او، ايس آءِ ۽ پوليس پارٽي جا بيان رڪارڊ ڪندي، اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته جوابدار عروت کي ضابطن جي خلاف عدالت ۾ ڇو پيش ڪيو ويو، جاچ ۾ اهو به ڏٺو ويندو ته جوابدار کي هٿڪڙيون لڳائي ۽ چهرو ڍڪي عدالت ڇو نه آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.