سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تڪراري نتيجن خلاف حيدرآباد ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي هزارين نوجوانن حيدرآباد ۾ گڏ ٿي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪري 2023 ۽ 2024 جي جاري ڪيل ٽيسٽ نتيجن کي بنا دير رد ڪري ٻيهر منصفاڻي انداز ۾ ٽيسٽ وٺي اهل نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن.  ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي سگهاري انداز ۾ اڳتي وڌائيندي سنڌ اسيمبلي سامهون ڌرڻو هڻي حڪمرانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪالهه حيدرآباد ۾ دائودپوٽا لائبريري کان هزارين نوجوانن ريلي ڪڍي حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هن ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن. وڪيلن. عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪري ايس پي ايس سي جي ماضي ۾ جاري ڪيل سمورن نتيجن کي رد ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. نٽهڻ اس ۽ شديد گرمي ۾ هي ڌرڻو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڌرڻي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو. روشن ٻرڙو. ثمر جتوئي. مجيد سيال. بدر چنا. حمز علي چانڊيو. اسحاق سميجو. وهاب منشي. پروفيسر يعقوب چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نوجوانن جي لڳل هن ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي. هتي دڪان جيان نوڪريون جو واڪ لڳايو وڃي ٿو. لکين روپين عيوض جعلي نتيجا ظاهر ڪيا وڃن ٿا. اهڙي ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا ۽ خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته هنن سمجهيو ته ايف آء آر داخل ڪرائڻ سان نوجوان ڊڄي ويندا ۽ وڃي لائبريرين ۾ لڪي ويهي رهندا. پر هنن اهو سوچيو به نه هو ته ايترا نوجوان گڏجي احتجاج ڪندا. هن چيو ته هي احتجاج ڏسي هنن جا هوش اڏي ويا هوندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي نوجوانن کي مايوسي، نااميدي ۽  بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ۽ ها پيپلز پارٽي اهو ڏنو آهي ته اسان پنهنجن ٻارن ٻچن سميت روڊن رستن تي هن نٽهڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ حقن جي حاصلات لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون. هن چيو ته موجوده حڪمرانن سڄي سنڌ تباهه ڪري ڇڏي هن چيو ته پوليس وارن کي به ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ڊيڄارڻ بجاءِ سنڌ جي نوجوانن سان گڏ بيهڻ گهرجي ڇو ته انهن جا به ٻار هتي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندا ائين نه ٿئي ته اهي به هتي متاثرن ۾ شامل هجن. هن چيو ته جن سچ ڳالهايو ۽ سچ لکيو انهن خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته اسان ايف آء آر کان ڊڄڻ وارا ناهيون اڄ هتي ويٺا آهيون ڀلي اسان مٿان ايف آء داخل ڪريو. هن چيو ته نه رڳو هي ادارو پر تعليمي بورڊ به ڪرپشن جي ورچڙهيل آهي. بدعنوانين سبب حيدرآباد جو ڪنٽرولر گرفتار آهي ۽ ڪراچي بورڊ جو چيئرمين لڪي ويو آهي. هنن ادارن کي تباهه ڪري نوجوانن جي خوابن جو قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڀلي اسان مٿان ڪيس داخل ڪريو اسان پاڻ گرفتاريون ڏيڻ اينداسين پر پنهنجو حق ڇنڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سمورا نوجوان گڏ ٿيو ته سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪري ان جو گهيراء ڪريون. جتي ويٺل وزير ۽ مشير نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هڻائي رهيا آهن. اتي ڀلي اسان تي تشدد ڪن گرفتار ڪيو وڃي پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون. روشن ٻرڙو، ثمر جتوئي، وهاب منشي ۽ ٻين چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتين واري عمل ۾ مبينا طور ميرٽ جي لتاڙ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ميرٽ جي لتاڙ جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن. هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي غريب ۽ باصلاحيت نوجوان وڏي محنت سان امتحان پاس ڪن ٿا، سٺيون مارڪون به حاصل ڪن ٿا، پر پوءِ به سندن حق کسي اثر رسوخ ۽ پئسن عيوض نااهل ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. اهو عمل نه رڳو نوجوانن سان ناانصافي آهي، پر ميرٽ ۽ تعليمي نظام تي به وڏو سوال آهي. ڌرڻي دوران انتظاميا پاران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.ڌرڻي سبب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جا مک دروازا بند ڪيا ويا ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا.سنڌو نواز گهانگهرو سخت گرمي ۾ پنهنجي معصوم کير پياڪ نياڻي ۽ مڙس حمز علي چانڊيو سميت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.ڌرڻي ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، شاڪر نواز شر، پروفيسر يعقوب چانڊيو، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ مجيد سيال،اسحاق سميجو، وهاب منشي، بدر چنا ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي سميت مختلف پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

نوڪريون وڪامجي رهيون آهن:جامي چانڊيو

حيدرآباد: نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن اهو واحد ادارو آهي جتان نوجوان پنهنجي اهليت ۽ قابليت سان پاس ٿي سٺي زندگي ڏانهن وڌي سگهن ٿا پر ڪجهه ڏهاڪن کان وٺي نااهل ۽  ڪرپٽ حڪومت هن اداري کي اقربا پروري ۽ چور بازار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هتي ٽي ايم او. ليڪچرار جون ۽ ٻيون نوڪريون کپايون وڃن ٿيون. هاڻ جيڪڏهن هڪڙيون نوڪريون پنهنجن ماڻهن ۽ ٻيون نوڪريون پيسن عيوض کپائيندا ته هي سنڌ جا لکين ماڻهو ڪيڏانهن ويندا. ان ڪري مان سمجهان ٿو هي جيڪو سالن ۽ ڏهاڪن کان ٿيندڙ ڌنڌو آهي اهو هڪ مجرمانه عمل آهي. جيڪو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ جو هي احتجاج شاندار قسم جو احتجاج آهي. اسان احتجاج ڪندڙ نوجوانن سان گڏ آهيون.

ميرٽ جي لتاڙ سان نوجوان باغي ٿي ويندا:حسيب جمالي

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي چيو آهي ته هتي هر شئي وڪري لاءِ موجود آهي. هاڻي ميرٽ جو نالو پئسو ۽ سفارش ٿي ويو آهي. ميڊيا سان  ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ هاڻي ميرٽ جو تعرف ئي تبديل ڪري ڇڏڻ گھرجي ته جيئن ماڻهن مان اهو آسرو ئي ختم ٿي وڃي ته هتي ڪو ايمانداريءَ سان ڪم به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ​شرمندگي ٿئي ٿي ته اسان پنهنجن انهن نوجوانن سان، جيڪي محنت ڪن ٿا، انهن سان ڇا ڪري رهيا آهيون،جيڪڏهن اسان پنهنجن سان اهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهيون ته پوءِ هي جيڪي ٻار آهن، اهي توهان جا باغي ٿي ويندا. مان سمجهان ٿو ته هي هڪ تمام وڏي ناڪامي آهي. هن چيو ته مان چوان ٿو ته انهن جي انويسٽيگيشن ٿيڻ گهرجي ته هي ڪهڙي بنياد تي ماڻهن کي پاس ۽ فيل ڪري رهيا آهن.

ڪميشن قابل نوجوانن کي مايوس پئي ڪري:پروفيسر يعقوب چانڊيو

حيدرآباد: پروفيسر يعقوب چانڊيو چيوته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ جو قتلام ڪري هوشيار ۽ قابل نوجوانن کي مايوسي ڏانهن  ڌڪي رهي آهي. هن اداري جو 30 سال اڳ جيڪو مان ۽ مرتبو هيو اهو هاڻي ختم ڪيو ويو آهي. نوجوانن جو هن اداري تان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته ڪميشن جي انتظاميا اهل نوجوانن کي فيل ڄاڻائي هونهار نوجوانن کي منشيات ۽ خودڪشين ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿي. جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ڄام صادق علي جي دور ۾ به هي ادارو ميرٽ تي ڪم ڪندو رهيو. پر هاڻي طئي ڪيو ويو آهي ته قابليت بجاءِ پيسن عيوض نوڪري وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته ٽن مهينن تائين ڪميشن جي آفيس کي سيل ڪري موجوده سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي جاچ ڪجي وڃي ۽ جنهن به معاملي ۾ هي ڏوهاري ثابت ٿين انهن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايا وڃن ۽ فوري طور  تي پراڻا جاري ڪيل نتيجا رد ڪيا وڃن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ تي ڌاڙو لڳي رهيوآهي:اياز پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ تي ڌاڙو ھڻي نوڪريون  وڪرو ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪيو آھي. پوليس، روينيو، تعليم، صحت، لوڪل گورنمينٽ سميت ھر کاتي ۾ ڪروڙين روپين ۾ نوڪريون وڪرو ڪري ذھين ۽ ھوشيار شاگردن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن ۽ نوڪرين جي وڪري خلاف شاگردن جي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا. ڪرپشن خلاف احتجاج کان روڪڻ لاءِ نوجوانن کي ڌمڪايو ويندو. ڪوڙا ڪيس ڪيا ويندا پر نوجوان خوف جون زنجيرون ٽوڙي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائين. سڄي سنڌ ذھين ۽ ھوشيار شاگردن سان گڏ آھي. هن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپٽ ۽ ڪمدار مقرر ٿيل آھن. اھي پئسا ميڙڻ آيا آھن. ڪرپٽ ماڻھن جو ميرٽ سان ڪو تعلق ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.