ورهين کان سائنس فڪشن ناولن ۽ فلمن ۾ چتاءُ ڏنو پيو وڃي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي سان اهڙيون قاتل مشينون تيار ٿي سگهن ٿيون جيڪي انسانيت لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿينديون.
سولن لفظن ۾ ولن اي آءِ کي انسانيت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اي آءِ ٽيڪنالوجي جي ڪمپني انٿروپڪ ان حوالي سان هڪ دلچسپ بيان جاري ڪيو آهي. ان ڪمپني اهڙا خيال پيش ڪيا آهن جيڪي ڪنهن سائنس فڪشن ناولن جو پلاٽ محسوس ٿي رهيا آهن. ڪمپني جي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته لارج لينگوئيج ماڊلز انسانن پاران ٻُڌايل ڪهاڻين مان متاثر ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب ان خيال پويان لارج لينگوئج ماڊلز کي انسانن پاران لکت ۾ ڊيٽا واري تربيت ڏني ويندي آهي. ان تربيتي ڊيٽا ۾ هو سائنس فڪشن خيال به موجود هوندا آهن جنهن ۾ فرضي اي آءِ سسٽمز هٿان تباهيءَ بابت به ٻڌايو ويندو آهي.
رپورٽ موجب انٿروپڪ جي ماهرن کي خدشو آهي ته هي حقيقي اي آءِ ماڊلز سائنس فڪشن خيالن تي تجربو نه شروع ڪري ڇڏين. ڪمپني جي ماهرن پاران اهو تجزيو ڪيو ٿو وڃي ته جيئن فرضي اي آءِ رووين جي ڊيٽا حقيقي اي آءِ ماڊلز جو حصو بڻجي وڃي ته ڇا ٿيندو؟
هنن جي خيال موجب اي آءِ سسٽمز سائنس فڪشن کي انسانن جيان ناهن سمجهندا پر هو لفظن، روين ۽ تناظر مان سکيا وٺندا آهن ۽ اهڙي ريت هو فرضي ڪهاڻين کي حقيقت سمجهي تجربا شروع ڪري سگهن ٿا.