نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو ”بگ باس“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ ايراني اداڪارا مندانا ڪريمي 16 سالن کانپوءِ ڀارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي اخبار ”هندوستان ٽائمز“ جي رپورٽ موجب، بالي ووڊ اداڪارا 18 ورهين جي عمر ۾ ايران ڇڏيو هو ۽ هوءَ اداڪاري جي ارادي سان ڀارت آئي هئي، پر هاڻي آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کانپوءِ اداڪارا ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انسٽاگرام اسٽوري تي سوالن جوابن جي سيشن دوران هڪ مداح اداڪارا کان ممبئي ڇڏڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي مندانا جواب ڏيندي چيو ته ”مون ڪڏهن سوچيو به هو ته ڀارت کي ائين الوداع چونديس“.
اداڪارا چيو ته ”هي يقينن ڏکيو مرحلو آهي، پر ڀارت ۾ اٽڪل 16 سال گذارڻ کانپوءِ نيٺ مان پنهنجي ٻئي گهر (ڀارت) ڇڏي رهي آهيان، هاڻي سڀ ڪجهه نئون هوندو، هيءَ هڪ نئين شروعات آهي“.
ان سيشن دوران مندانا ڪريمي اهو واضح نه ڪيو ته هوءَ ڀارت ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.
هندوستان ٽائمز موجب، مارچ ۾ مندانا ڪريمي هڪ بيان ڏنو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته” 10 سال اڳ مٿس ايران ۾ پابندي مڙهي ويئي هئي، تنهنڪري هوءَ ايران واپس نٿي وڃي سگهي، هوءَ ڀارت مان مايوس آهي.
مندانا موجب ”مون کي ڀارت ۾ ڪنهن به قسم جي سپورٽ نه ملي ۽ اوچتو جڏهن آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو، ڀارت ۾ سڀني جي راءِ آهي، هر ڪو روڊن تي آهي ۽ هو حقيقت ۾ خامنه اي لاءِ ماتم ڪري سگهن ٿا، جيڪو مان نه ڪري سگهيس“.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ”سيڪيورٽي سببن جي ڪري مان هڪ هنڌ ڦاسي وئي آهيان ۽ منهنجي ويجهن دوستن مان ڪنهن وٽ به منهنجو پتو ناهي، ان باوجود به مان ميڊيا سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ته جيئن ايرانين جو آواز بلند ڪري سگهان“.
مندانا ڪريمي وڌيڪ چيو ته ”مان گذريل 6 سالن کان فلمن ۾ اداڪاري ناهي ڪئي، اهو منهنجو فيصلو هو ته مان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيان، مان ڄاڻان ٿي ته منهنجي ملڪ (ايران) ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، منهنجو جنم ۽ پرورش اتي ٿي آهي، مان 18 سالن تائين ايران ۾ رهي آهيان“.