28 هين ترميم جي حوالي سان ڪيترائي ڊرافٽ تيار،پ پ تي دٻاءُ وڌي ويو؟

اسلام آباد( منيب فاروق )پاڪستان جي اندر به سياسي معاملا گرم آهن۔وري اهي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ته صدر زرداري  وڃي رهيو آهي جڏهن ته  حقيقت ۾ معاملا ڪجهه ٻيا آهن، نه ڪو وڃي رهيو آهي نه ڪا اهڙي تبديلي اچي رهي آهي، پر اندروني طور ڪجهه اهم شيون ضرور هلي رهيون آهن۔سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا  پنهنجي پروگرام ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ صدرآصف علي زرداري جي وچ ۾ سخت قسم جي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي صدر زرداري نٿو چاهي ته 9 جون کان اڳ 28هين ترميم منظور ٿئي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ نواز  هر صورت ۾ اها ترميم پاس ڪرائڻ چاهين ٿا۔اڳ  ۾ رپورٽون هليون هيون ته 28هين  آئيني ترميم تي ڪم هلي رهيو آهي۔ ان ۾ صوبن کي ملندڙ وسيلن جي ورڇ واري فارمولي ۾ تبديليون آڻي سگهجن ٿيون۔ شايد ووٽرن جي عمر بابت به تبديلي اچي، ۽ وفاق کي صوبن تي وڌيڪ ڪنٽرول ڏيڻ لاءِ به آئيني شقون تبديل ڪيون وڃن۔26هين ترميم ۾ حڪومت پنهنجو ڪجهه ايجنڊا حاصل ڪيو، خاص طور عدليه سان لاڳاپيل معاملا۔ هاڻي 28هين ترميم ذريعي حڪومت “اڻپوري ايجنڊا” مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي۔پ پ  جو موقف آهي ته هو اڳ ئي هن نظام جو حصو آهن۔ انهن وٽ صدر جو عهدو، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا گورنر، ۽ بلوچستان جو وزيراعليٰ موجود آهي۔ پر پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي انهن لاءِ “ريڊ لائن” آهي۔ٻئي پاسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته جيڪڏهن نظام کي هلائڻ لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي، ته پوءِ پيپلز پارٽي کي ساٿ ڏيڻو پوندو۔ حڪومت کي اعتماد آهي  ته آخرڪار صدر زرداري ساٿ ڏيندو ڇو ته هو هڪ تجربيڪار سياستدان آهي ۽ اتحاد کي نقصان نه پهچائيندوڪجهه ذريعن موجب حڪومت وٽ 28هين ترميم جا ڪيترائي ڊرافٽ موجود آهن؛ هڪ مڪمل ايجنڊا وارو، پوءِ 80 سيڪڙو، 60 سيڪڙو وغيره، جيئن ڳالهين ذريعي اتفاق پيدا ڪري سگهجي۔پيپلز پارٽي تي هن وقت واضح دٻاءُ آهي ته هو حڪومت سان گڏ بيهي۔ جيڪڏهن هو انڪار ڪن ٿا ته پوءِ کين ڪا سياسي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنهن سان نه حڪومت ناراض ٿئي ۽ نه سندن پنهنجو نقصان ٿئي ٻئي پاسي حڪومت کي به خبر آهي ته سفارتي يا فوجي ڪاميابيون پنهنجي جاءِ تي، پر عام ماڻهو جو اصل مسئلو سندس گهر، خرچ ۽ روزگار آهي۔ جيڪڏهن ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿين، ته پوءِ ٻين ڪاميابين جو فائدو گهٽ رهجي وڃي ٿو۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 13 مئي  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.