ڪراچي (رپورٽر) ڪرپٽو ڪرنسي ۾ وڌندڙ فراڊ ۽ ٺڳي وارين اسڪيمن بابت ڳڻتي جوڳا انڪشاف سامهون اچي ويا، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ بلاڪ چين جي نالي تي شهرين کي ڦريو پيو وڃي، رپورٽن موجب ٺڳ پهرين سماجي ميڊيا يا آن لائن پليٽ فارمن ذريعي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪندا آهن، پوءِ کين منافعي واري سيڙپڪاري جا لالچ ڏئي وڏي رقم لڳرائيندا آهن، بعد ۾ جعلي ايپس يا ويب سائيٽن ذريعي ماڻهن جي رقم هڙپ ڪئي ويندي آهي، ماهرن موجب ڪرپٽو ڪرنسي غير مرڪزي ۽ ڊجيٽل نظام تي ٻڌل هوندي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن احتياط نه ڪئي وڃي ته نقصان جو خطرو وڌي ويندو آهي.