اسلام آباد(بيورو)صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي هدايت ڪندي چيو آهي ته علائقائي صورتحال باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي۔صدر مملڪت آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي۔ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي قانون وزير اعظم نذير تارڙ، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هئا۔ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال، افغانستان سان لاڳاپيل معاملن ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيال ونڊيو ويو۔ملاقات ۾ معرڪه حق جي شهيدن ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پيشاوراڻين صلاحيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي قومي دفاع بابت غيرمتزلزل عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو۔صدر مملڪت چيو ته ڏکين جاگرافيائي ۽ علائقائي حالتن، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي۔صدر مملڪت مهانگائي جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي، ضروري شين جي دستيابي ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ممڪن قدم کڻڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون.