موجوده دور ۾ ڪم جو دٻاءُ، مسلسل بيچيني ۽ گهڻو سوچڻ جي عادت سبب ذهن کي سڪون جو موقعو گهٽ ملي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ساهه کڻڻ جي هڪ سادي مشق ذهني سڪون لاءِ انتهائي ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. انهن ئي طريقن مان هڪ ”باڪس بريٿنگ“ آهي، جيڪا تيزي سان ذهن کي پُرسڪون ڪرڻ لاءِ دنيا ڀر ۾ مقبول ٿي رهي آهي.
ماهرن موجب ”باڪس بريٿنگ“ هڪ آسان ٽيڪنڪ آهي، جيڪا تيز رفتاري سان هلندڙ خيالن کي سست ڪندي جسم کي آرام پهچائي ٿي. هي طريقو رانديگرن، مقررن، پروفيشنلز ۽ فوجي اهلڪارن پاران به استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن دٻاءُ واري لمحن دوران پاڻ کي پُرسڪون ۽ ذهني طور مرڪوز رکي سگهجي. هن مشق جو بنيادي مقصد ساهه تي ڌيان ڏيڻ آهي، جيڪو قدرتي طور اعصاب کي آرام ڌئي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مشق لاءِ ڪنهن خاص سامان، خاموش ڪمري يا مراقبي جي تجربي جي ضرورت ناهي. رڳو هڪ منٽ ڌيان سان ساهه کڻڻ سان ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ حاضر دماغ ۽ جذباتي طور متوازن محسوس ڪري سگهي ٿو.
”باڪس بريٿنگ“ ڪرڻ لاءِ پهرين آرامده حالت ۾ ويهي نڪ ذريعي پنج سيڪنڊن تائين ساهه اندر کڻو ۽ ڪلهن کي آرامده رکو. ان کان پوءِ پنج سيڪنڊن تائين ساهه روڪي جسم کي پرسڪون رکو. ٽين مرحلي ۾ وات ذريعي پنج سيڪنڊن تائين ساهه ٻاهر ڪڍو ۽ تصور ڪريو ته ذهني دٻاءُ به ساهه سان گڏ ٻاهر نڪري رهيو آهي. پوءِ ساهه ٻاهر ڪڍڻ بعد ٻيهر پنج سيڪنڊن تائين روڪي جسم کي آرام ڪرڻ ڏيو.
ماهرن موجب هي عمل پنجن کان ڏهن منٽن تائين ورجائي سگهجي ٿو ۽ ڪجهه ئي مرحلن کانپوءِ دل جي ڌڙڪن سست ۽ ذهن وڌيڪ پُرسڪون محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. هن مشق کي ذهني دٻاءُ، بيچيني، گهٻراهٽ، جذباتي ٿڪاوٽ يا ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۾ ڏکيائي وقت خاص طور فائديمند قرار ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته مستقل مشق سان جذباتي ڪنٽرول، توجهه ۽ ننڊ جي معيار ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.