ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا نيتو ڪپور مڙس رشي ڪپور جي موت کانپوءِ ننڊ لاءِ انجيڪشنز لڳائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ڀارتي رپورٽ موجب هڪ تازي انٽرويو ۾ نيتو ڪپور ٻڌايو ته ”رشي ڪپور جي لاڏاڻي کانپوءِ هوءَ ٽٽي پئي هئي، شروعات ۾ دوستن کيس ٿراپي وٺڻ جو مشورو ڏنو پر کيس ان تي يقين نه هو، انسان پاڻمرادو مضبوط ٿيڻ جو فيصلو ڪندو آهي“
نيتو ڪپور چيو ته ”ڏک کان بچڻ لاءِ هن شراب پيئڻ شروع ڪيو هو ته جيئن ذهني سڪون ملي ۽ ننڊ اچي وڃي پر هو پاڻ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي پريشان ٿيندي هئي“
هن ٻڌايو ته ڪجهه مهينن کانپوءِ هن وري ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ هڪ ڊاڪٽر روزانو سندس گهر ايندو هو انجيڪشن هڻندو هو ۽ ان وقت تائين گهر ۾ هوندو هو جيستائين نيتو کي ننڊ نٿي اچي وڃي.
اداڪارا موجب اهو سلسلو 10 ڏينهن تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي بهتر محسوس ڪيو ۽ هوريان هوريان زندگيءَ طرف واپس اچي وئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته فلمن ۾ واپسي کيس ٻيهر اعتماد ڏنو، فلم ”جگ جگ جيو“ جي شوٽنگ دوران هر سين کانپوءِ ڏکندي هئي پر ڪم کيس ذهني طورسمڀالڻ ۾ مدد ڏني.