”چين، ايران-آمريڪا امڪاني معاهدي جو ضامن ٿي سگهي ٿو“

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين ۾ ايران جي سفير عبدالرضا رحماني فضلي چيو آهي ته چين، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امڪاني معاهدي جو ضامن ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته چين ۽ روس ٻه وڏيون ۽ بااثر طاقتون آهن، آمريڪا سان ڪو به امڪاني معاهدو وڏين طاقتن جي ضمانت سان ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امڪاني معاهدي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ به ويچارڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.