مان هڪ اڌورو روح آهيان: صبا قمر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا صبا قمر جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي زندگي، خواهشن ۽ اڌوري هجڻ تي ڳالهائي رهي آهي.

رپورٽ موجب صبا قمر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس زندگي ڀارتي هدايتڪار امتياز علي جي فلمن جهڙي آهي، جنهن ۾ اڌوري هجڻ ۾ به خاص خوبصورتي ۽ احساس لڪيل هوندو آهي.

اداڪارا چيو ته هوءَ هڪ اڌورو روح آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته زندگي ۾ اڌوري هجڻ جو به پنهنجو مزوآهي، شين جو اڌورو رهجي وڃڻ هڪ مختلف ڳالهه لڳي ٿي.

صبا قمر خواهشن بابت ڳالهائيندي چيو ته جڏهن انسان جون سموريون خواهشون پوريون ٿي وڃن ته خواهش وارو جزبو ئي ختم ٿي ويندو آهي. هن چيو ته خواهشن جو پورو ٿيڻ خواهشن کي ماري ڇڏيندو آهي، ان لاءِ هو مڃي ٿي ته ڏک ۾ به مزو آهي جيئن ڏک آهي ته مزو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.