جونيئر اداڪار کي کائڻ کان روڪڻ تي اڪشي کنا پروڊيوسر تي ڏمري پيو: اميت بهل جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) اداڪار اميت بهل انڪشاف ڪيو ته اڪشي کنا کي هڪ ڀيرو جڏهن خبر پئي ته هڪ اداڪار کي مرڪزي ڪاسٽ ۽ عملي سان گڏ کائڻ کان روڪيو ويو آهي ته هو پروڊيوسر تي ڏمري پيو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اميت بهل هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته هڪ اداڪار جيڪو ڌار هوٽل ۾ ترسيل هو، اڪشي کنا جي هوٽل ۾ منجهند جي کاڌي لاءِ آيو هو، جيئن ئي هن پهريون گرهه کنيو ته پروڊيوسر جي زال يا ڪنهن مائٽ ڏسي ورتو ۽ چيو ته هي هتان جو حصو ناهي ۽ کيس اهو کاڌو نه کائڻ گهرجي.

سينيئر اداڪار ٻڌايو ته پروڊڪشن ٽيم به کيس کائڻ کان روڪيو، جنهن تي هو خاموشيءَ سان پليٽ هڪ پاسي رکي ويهي رهيو.

اميت بهل چيو ته اهڙو منظر اڪشي کنا پري کان ڏسي ورتو ۽ وچ ۾ پيو، هن پروڊيوسر ۽ عملي تي سخت لفظن سان تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ”بُک ۽ عزت جو اصل مطلب ڇا آهي؟ فلم پليٽن يا کاڌي جي مقدار ڏسي ناهي ٺهندي، پر دعائن سان ٺهندي آهي“

اميت وڌيڪ چيو ته کيس ان ڏينهن اندازو ٿيو ته اڪشي کنا پنهنجي ساٿي فنڪارن لاءِ ڪيترو حساس ۽ فڪرمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.