لاهور (ويب ڊيسڪ) شگر ملز مالڪن 10 لک کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت گهُري ورتي.
رپورٽ موجب پيداواري کاتي موجب شگر ملز مالڪن 10 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت گهُري آهي ۽ ان حوالي سان کنڊ جي ذخيرن بابت انگ اکر فراهم ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب شگر انڊسٽري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ برآمد ڪرڻ سان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ مٽاسٽا حاصل ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته برآمد نه هجڻ جي صورت ۾ ملز کي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو.
پيداواري کاتي موجب حڪومت واضح ڪيو آهي ته شگر ملز مالڪن کي پهريون ان ڳالهه جي گارنٽي ڏيڻي پوندي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جا اگهه نه وڌندا، ٻي صورت ۾ برآمد جي اجازت نه ڏني ويندي.
ذريعن موجب گذريل سال 7 لک ٽن کنڊ برآمد جي اجازت بعد ملڪ ۾ کنڊ جا اگهه تيزيءَ سان وڌايا ويا ۽ کنڊ جو في ڪلو اگهه 120 رپين کان وڌي 200 رپين تائين پهچي ويو.