ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ منشيات جي سمگلنگ ۽ نشي وارين شين جي روڪٿام ۾ سهڪار لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اندروني سيڪيورٽي ۽ سول آرمڊ فورسز جي ٽريننگ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي محسن نقوي بنگلاديشي هم منصب کي سيف سٽي پروجيڪٽ ۾ مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سيڪريٽري ليول جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي جوڙجڪ تي اتفاق ڪيو.
محسن نقوي بنگلاديشي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اندروني سيڪيورٽي ۽ سول آرمڊ فورسز جي ٽريننگ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.