ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) دوران گرل فرينڊز ڪلچر ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ جو نوٽيس ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، آءِ پي ايل ۾ ظابطن ڪيئي ڀڃڪڙين تي ڀارتي بورڊ نوٽيس وٺندي سخت هدايت نامو جاري ڪيو آهي.
بي سي سي آءِ آءِ پي ايل فرنچائز کي 8 صفحن تي ٻڌل حڪمنامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ رانديگرن ۽ ٽيمن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مستقبل ۾ ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته حڪمنامو فوري طور تي لاڳو هوندو ۽ هدايت نامي ۾ سمورا پروٽوڪولز تفصيلي نموني ڄاڻايا ويا آهن.
رپورٽ موجب، بورڊ جي اينٽي ڪرپشن اينڊ سيڪيورٽي يونٽ ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي آهي جڏهن ته رپورٽ ۾ فرنچائز مالڪن طرفان پي ايم او اي پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙين جو ٻڌايو ويو آهي.
ڀارتي بورڊ جي اينٽي ڪرپشن اينڊ سيڪيورٽي يونٽ پاران ڀڃڪڙين جي نشاندهي تي رانديگرن ۽ ٽيمن کي مستقبل ۾ ڀڃڪڙين کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هدايت نامي موجب، اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي هوٽل ۾ داخلا تي بندش هوندي، ٽيم مئنيجر کي اطلاع ڪرڻ جي اجازت هوندي، مهمانن ۽ وزيٽرز کي هوٽل جي مخصوص جاءِ تي ملاقات ڪري سگهبي ۽ ڪو به مهمان هوٽل جي ڪمري ۾ نه ويندو.
حڪمنامي ۾ اها ڳالهه به ڪئي وئي آهي ته هوٽل کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٽيم مئنيجر کي پهريان ٻڌائڻ لازمي هوندو جڏهن ته ڊگ آئوٽ ۾ ٽيم مالڪ يا سندن نمائندا رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهندا.
ڀارتي بورڊ غير لاڳاپيل ماڻهن جي هوٽل ۾ آمد، مالڪن جي چُرپُر ۽ ويپ پيئڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.