پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پٽ ٽيون ڀيرو شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
تازو هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته ”جڏهن سندس ٻي شادي ناڪام ٿي ته وڏو عرصو گذري چڪو هو ته سندس پٽ هن وٽ آيو ۽ چيو ته کيس ثمر علي خان سان شادي ڪرڻ گهرجي“
اداڪارا چيو ته سندس امڙ ٽيون ڀيرو شاديءَ جي بلڪل خلاف هئي، سندس چوڻ هو ته ماڻهو مزاق اڏائيندا پر پٽ بلال چيو ته ”امي توهان کي هاڻي شادي ڪرڻ گهرجي، توهان ڪيترين ئي سالن کان اڪيلي پيا گذاريو، زندگيءَ جا لاها چاڙها ڏٺا آهن هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان ثمر علي خان جي ساٿ کي قبول ڪيو ڇاڪاڻ ته هو سٺو انسان آهي ۽ توهان کي پسند ڪري ٿو“
عتيقا اوڍو چيو ته هوءَ ان باوجود پٽ جي مشوري تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته ڌيئر به اهڙي فيصلي جي خلاف هيون پر پٽ بلال چيو ته ”اوهان ان جي ڳڻتي نه ڪيو بس شادي ڪيو، کين مان سنڀالي وٺندس“.
سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو جي پهرين شادي 15 سال جي عمر ۾ ٿي هئي جيڪا 10 سال هلي سگهي ان کانپوءِ هن پنهنجي مرضيءَ سان ٻي شادي ڪئي هئي پر اها به ڪامياب نه ٿي سگهي.
ان کانپوءِ عتيقا اوڍو جون 2012 ۾ ثمرعلي خان سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، ڊاڪٽر ثمر علي خان 2013 کان 2018 تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي.