اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ جون تياريون،تعليم ۽ صحت کاتا به واپس وفاق حوالي ڪرڻ جي گهر، اسلام آباد ۾ ڪجهه سياسي معاملا گرم ٿي رهيا آهن ۽ هڪ قسم جي “سرد جنگ” واري صورتحال آهي.اسٽيبلشمينٽ پاران اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم جي سلسلي ۾ 9 جون کان اڳ فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جڏهن ته صدر زرداري طرفان ڪوشش آهي ته معاملو ملتوي ڪيو وڃي يا دير ڪئي وڃي.سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته آئيني ترميمن بابت به اختلاف موجود آهن. هڪ طرف فوج ۽ حڪومتي حلقا چاهين ٿا ته ڪجهه ترميمون جلد منظور ڪيون وڃن، جڏهن ته صدرزرداري جو موقف آهي ته فيصلن کي مناسب وقت تائين روڪيو وڃي.اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو موقف آهي ته اسان فوج لاءِ ٻه اڍائي هزار رپين جي بجيٽ ڏئي رهيا آهيون،ساڍا ٽي هزار ارب رپيا وياج ادائيگين لاءِ ڏئي رهيا آهيون،اين ايف سي ايوارڊ به ڏئي رهيا آهيون، ترقياتي فنڊ به ڏئي رهيا آهيون،مرڪز ۾ پگهارون به ڏئي رهيا آهيون،مرڪز به هلائي رهيا آهيون،سڄو پئسو ته توهان(صوبا)کڻي وڃي رهيا آهيو،اسان قرضن ۽ ٻين مسئلن مان ڪيئن جند ڇڏايون؟جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتا به واپس وفاق حوالي ڪيا وڃن ڇو ته صوبا انهن کي نٿا هلائي سگهن،اهليت جا مسئلا آهن،اسان جا اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن،انهن جو موقف آهي ته صوبن ڪيو ڇا آهي؟پئسا وٺڻ باوجود نتيجا نه پيا ملن،صوبن جو موقف آهي ته پئسا ته اسان گڏ ڪريون ٿا،توهان ته 24 ڪلوميٽر جو شهر آهيو،اسان توهان کي اين ايف سي ۾ حصو وڌيڪ ڇو ڏيون؟حڪومت ۽ اسٽبيلشمينٽ جي ڪوشش آهي ته پ پ 28هين ترميم تي راضي ٿي وڃي،صدر زرداري جو مطالبو آهي ته بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو ته پوءِ اسان سوچينداسين،اسان پنهنجا هٿ پير ڪٽي توهان کي وڌيڪ حصو(اين ايف سي مان) ڇو ڏيون؟اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش آهي ته 8 جون کان اڳ ترميمون پارليامينٽ مان منظور ٿي وڃن،ڇو ته 9 جون تي نئين بجيٽ لاءِ سيشن گهرايو ويندو،صدر زرداري جي ڪوشش آهي ته هي سال ائين ئي ڪڍيو وڃي،ترميمون 2027ع ۾ ٿين ته پوءِ ڏسنداسين،اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي ته توهان ڪنهن شرط کان بغير ترميمن لاءِ راضي ٿيو،هن وقت ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي،صدر زرداري کي مفاهمت جو جادوگر ڪوٺيو ويندو آهي ڏسجي ته اهو هن صورتحال کي ڪيئن منهن ڏئي ٿو،