سنڌ حڪومت جو ڪراچي لاءِ نيون ڊبل ڊيڪر بسون ۽ عورتن لاءِ هڪ سوين اسڪوٽيز آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان سنڌ لاءِ جديد ٽرانسپورٽ سهولتن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي سليم الله اوڍو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين لاءِ نيون اليڪٽرڪ (اَي وِي) ۽ ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هزار پنڪ اي وي اسڪوٽيز خريد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.
اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ نظام کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ لاءِ انٽر سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي.
صوبائي وزير موجب، ايندڙ هفتي کان خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻيور تائين نوان روٽس شروع ڪيا ويندا.
هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي لاڙڪاڻو، دادو، سيوهڻ، حيدرآباد ۽ سانگهڙ سميت مختلف ضلعن ۾ پڻ انٽر سٽي بس سروس شروع ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي سستي ۽ آرامده سفري سهولت ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.