آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جو استعمال ڪم کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي، پر اهو انسان کي ذهني طور تي ڪمزور به ڪري سگهي ٿو، اهڙي دعويٰ هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ماهرن تحقيق دوران ڄاڻايو ته ڏينهن ۾ ڪنهن به اي آءِ چيٽ بوٽ کي رڳو 10 منٽ استعمال ڪرڻ سان سوچڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت تي ناڪاري اثر پئجي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، تحقيق ۾ شامل رضاڪارن کي مختلف ٽاسڪ ڏنا ويا، جن مان ڪجهه کي اي آءِ جي مدد سان ڪم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
نتيجن مان پتو پيو آهي ته جڏهن اي آءِ جي مدد ختم ڪئي وئي ته ڪيترن ماڻهن غلط جواب ڏيڻ شروع ڪيا يا مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڇڏي ڏني.
ماهرن جو چوڻ آهي ته سولن لفظن ۾، جڏهن اي آءِ جي مدد موجود نه هجي ته ماڻهن لاءِ سوچڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. بهرحال، انهن واضح ڪيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته تعليمي ادارن يا آفيسن ۾ اي آءِ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي.
اي آءِ ٽيڪنالاجي واقعي ڪم کي بهتر ۽ تيز ڪرڻ ۾ مددگار آهي، پر ان حوالي سان احتياط ضروري آهي ته اها ڪڏهن ۽ ڪهڙي حد تائين استعمال ڪئي وڃي.
ماهرن وڌيڪ چيو ته اي آءِ ٽولز کي اهڙي طريقي سان ڊزائين ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اهي سڌو جواب ڏيڻ بدران هڪ استاد وانگر رهنمائي فراهم ڪن ته جيئن ماڻهو پاڻ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن.
هنن چيو ته سڌو جواب ڏيڻ وارا اي آءِ سسٽم وقت سان گڏ واهپيدار جي سوچڻ ۽ سکڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهن ٿا.
تحقيق ۾ اهو به واضح ٿيو ته مختصر وقت لاءِ (10 منٽ) اي آءِ جي مدد وٺڻ سان به ذهني ڪارڪردگي تي اثر پئجي سگهي ٿو.
بهرحال، وضاحت يا رهنمائي لاءِ اي آءِ جو استعمال لازمي طور ناڪاري اثر نٿو رکي.
ماهرن موجب، نتيجا ڪجهه حد تائين ڳڻتي جوڳا ضرور آهن، ڇاڪاڻ ته مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت سکڻ ۽ ذهني ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي.
You might also like