پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع، شان کي بابر ۽ بالرن مان اميدون

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي آهي.
ڍاڪا اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ۽ بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو ٽرافي جي مهورت ڪئي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ سڀاڻي ميرپور ڍاڪا ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي تي سهلٽ ۾ کيڏي ويندي..
ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اميد ڪريون ٿا ته بابر اعظم جهڙي ريت پي ايس ايل ۾ رنز ٺاهيون، اهڙي ئي ڪارڪردگي هن ٽيسٽ سيريز ۾ به ڏيکاريندو.
شان مسعود چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته اسان جا ڪوچز اهي آهن جن سان گڏ اسان کيڏيا به آهيون.
هن چيو ته بنگلاديش جي پنهنجي طاقت آهي ۽ اسان جي پنهنجي، اسان ڪنهن به ٽيم کي آسان ناهيون وٺندا.
اسان بنگلاديش جي خلاف سندن گهرو حالتن ۾ کيڏي رهيا آهيون ۽ اهو اسان لاءِ هڪ چئلينج آهي.
قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته اسان جو اسڪواڊ سٺو آهي، هاڻي ان ڳالهه تي آهي ته ڪير ايندڙ 10 ڏينهن ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو. اسان پچ جو آخري جائزو وٺنداسين ۽ ان کانپوءِ ئي پليئنگ اليون جو فيصلو ڪنداسين.
شان مسعود جو چوڻ هو ته اسان جي ٽاپ آرڊر ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن اهي رانديگرن جي زخمي ٿيڻ سبب آهن، جڏهن ته مڊل آرڊر ڪنهن به ٽيم جو انجڻ هوندو آهي.
هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پيغام بلڪل واضح هوندو آهي ته جيستائين توهان 20 وڪيٽون نٿا وٺو تيستائين ميچ نٿا کٽي سگهو، ان ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ بالرن جو ڪردار وڏو ۽ اهم هوندو آهي ۽ مون کي پنهنجي بالرن تي پورو ڀروسو آهي.
شان مسعود جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم عبدالله فضل، عماد بٽ، اذان اويس، بابر اعظم، حسن علي ۽ امام الحق تي ٻڌل آهي.
ان کانسواءِ ٻين رانديگرن ۾ خرم شهزاد، محمد عباس، محمد رضوان، محمد غازي غوري، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل هوندا.
ياد رهي ته اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد کي بنگلاديش جي دوري لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق ۽ عمر گل ترتيبوار بيٽنگ ۽ بولنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.